ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) سڌسماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري ۽ نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر سان فون تي رابطا ڪيا
ذريعن موجب رابطن دوران شهيد جان محمد مهر جي قتل ڪيس، عام چونڊن جي تيارين ۽ ٻين معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي
وڏي وزير وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي کي آگاهه ڪيو ته شهيد جان محمد مهر جي قتل ڪيس جي جاچ ۾ اڳڀرائي ٿي رهي آهي، گورنر ۽ وڏي وزير نگران وفاقي وزير کي قلمدان سنڀالڻ تي واڌايون به ڏنيون
نگران وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته ڪنهن سان به ڪو متڀيدي سلوڪ نه ڪيو ويندو، نگران حڪومت شفاف چونڊون ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن ۽ صوبن سان ڀرپور سهڪار ڪندي