نگران وفاقي سرڪار مولانا فضل الرحمان جي افغان دوري سان لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي

جنوري 11, 2024

نگران وفاقي سرڪار مولانا فضل الرحمان جي افغان دوري سان لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي آهي

 پرڏيهي آفيس جي ترجمان زهره بلوچ چيو آهي ته حڪومت مولانا فضل الرحمان جي افغان دوري جي سپورٽ نه پئي ڪري، افغانستان جي دوري تان واپسي تي مولانا فضل الرحمان کان بريفنگ وٺنداسين

هن چيو ته مولانا فضل الرحمان نجي حيثيت ۾ افغانستان ويو آهي،  پاڪستان بندش پيل ٽي ٽي پي سان ڳالهيون ڪرڻ ۾ ڪا به دلچسپي نه ٿو رکي، اسان جو اهو ئي مطالبو آهي ته افغانستان جي عبوري حڪومت پاڪستان ۾ حملا ڪندڙ دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪري

 ترجمان چيو ته ڏکڻ آفريقا پاران اسرائيل کي انصاف جي عالمي عدالت ۾ وٺي وڃڻ جي پاڪستان واکاڻ ڪري ٿو، اسان ڏکڻ آفريقا جي مڪمل حمايت ڪيون ٿا، غزه ۾ فوري جنگبندي ڪري قتلام روڪيو وڃي

Leave A Comment