اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نگران وفاقي سرڪار نيب قانون ۾ ڪيل ترميمن کي رد ڪرڻ وارو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو
وفاقي سرڪار طرفان مخدوم علي خان فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائي آهي جنهن ۾ وفاق، نيب ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين کي ڌر بڻايو ويو ويو
اپيل ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته نيب جي قانون ۾ ڪيل ترميمون بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي نه آهن، پارليامينٽ کي قانونسازي ڪرڻ جو اختيار آهي، نيب قانون ۾ ڪيل ترميمن کي بحال ڪيو وڃي
سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي پڻ استدعا ڪئي وئي آهي، اڳوڻي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي نيب آرڊيننس ۾ ڪيل ترميمن کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو هو
اهڙي فيصلي بعد ترميمن سبب ختم ڪيل نيب جا سمورا ڪيس ٻيهر بحال ٿي ويا آهن