ڪراچي (رپورٽ: دودو چانڊيو) نگران وزيراعليٰ سنڌ جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر راڻيپور جي حويلي مان ناري لاپتا ٿيڻ جو نوٽيس ورتو آهي
نگران وڏي وزير مقبول باقر چيو ته چيو پيو وڃي ته ناري امانت طور پير سهيل شاهه جي حوالي ۾ رکي وئي هئي
نگران وڏي وزير مقبول پاران ڊي آءِ جي سکر کي حڪم ڏنو ويو ته ناري کي فوري طور آزاد ڪرايو وڃي
نگران وڏي وزير مقبول باقر ڪمشنر سکر کي جاچ ڪري فوري رپورٽ به پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي
واضح رهي ته قمبر سان تعلق رکندڙ ناري ثنا جي وارثن راڻيپور جي پيرن مٿان ناري گم ڪرڻ جو الزام هنيو آهي
ناري ثنا جي والد ديدار گرماڻي جو چوڻ آھي ته مون پنهنجي 20 سالن جي ڌي ثنا جي پنهنجي ڀاڻج سان شادي ڪرائي هئي، شادي جي 7 مهينن بعد زال مڙس ۾ اختلافن سبب منهنجي زال ڌي ثنا کي راڻيپور جي حويلي ۾ سيد محسن شاهه وٽ ڇڏي آئي ته توهان سندس مڙس کي گهرائي هدايت ڪري ٻنهي کي ٺاهيو
اسان ڪجهه ڏينهن بعد ڇوڪري وٺڻ وياسين ته هنن چيو ته مسئلو حل ڪري توهان کي ڇوڪري ڏينداسين، بعد ۾ چيو ته ڇوڪري اسان وٽان هلي وئي آھي، 2 سال گذري ويا پر منهنجي ڌي ثنا جي خبر پئجي نه سگهي آھي
ناري ثنا جي والد ديدار جو چوڻ آھي ته اسان پيڙھين کان راڻيپور جي پيرن جا مريد آھيون، هاڻي معصوم فاطمه جي واقعي بعد اسان کي انهن جي پرڪارن جي خبر پئي آھي، خدشو آھي ته منهنجي ڌي ثنا کي به هنن گم ڪري يا ماري ڇڏيو آھي
هن ڊي آءِ جي سکر کان مطالبو ڪيو ته منهنجي نوجوان ڌي ثنا به حويلي مان پيرن گم ڪئي آھي جنهن جي جاچ ڪري ڌي کي واپس ڪرايو وڃي