نگران وڏي وزير پاران بدعنواني ۾ ملوث آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي جو حڪم

آڪٽوبر 21, 2023

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر بدعنواني ۾ ملوث آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو، وڏن منصوبن جي ڊجيٽل رڪارڊنگ کي يقيني بڻائڻ جي هدايت پڻ ڪئي

 نگران وڏي وزير جي صدارت هيٺ ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري ۽ ٻين جي شرڪت ڪئي، سيڪريٽري ورڪس اينڊ سروسز ترقياتي اسڪيمن بابت اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني

 نگران وڏي وزير چيو ته انڊس هاءِ وي تي روڊ سيفٽي ريسرچ اينڊ پروگرام شروع ڪيو وڃي، ورڪس اينڊ سروسز جي سمورين آفيسن ۾ بايوميٽرڪ سسٽم لڳائڻ جي هدايت ڪئي وئي

نگران وزير اعليٰ جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر روڊن تي قائم ٽولز تي جمع ٿيندڙ ٽيڪسز جي ٿرڊ پارٽي کان آڊٽ ڪرائڻ جي به هدايت ڪئي

Leave A Comment