نگران وڏي وزير ۽ صحت واري وزير جي جهيڙي سبب ڪو عوامي منصوبو متاثر نه ٿيڻ گهرجي: شهلا رضا

نومبر 10, 2023

ڪراچي: پيپلزپارٽي جي اڳواڻ شهلا رضا چيو آهي ته نگران وڏي وزير ۽ صحت واري وزير جي جهيڙي سبب ڪو عوامي منصوبو متاثر نه ٿيڻ گهرجي، گمس اسپتال ۾ سرجري لاءِ خريد ڪيل روبوٽس سان عوام کي فائدو پهتو آهي

ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي شهلا رضا چيو ته نگران ڪيترا غير سياسي آهن اهو نگرانن جي جهيڙي مان نظر اچي ٿو، نگران وڏو وزير مقبول باقر پيپلزپارٽي جي حڪومت پاران شروع ڪيل ڪيترن ئي منصوبن جي واکاڻ ڪري چڪو آهي

هن چيو ته نگران وڏي وزير وزير ۽ نگران وزير کي پنهنجا اختلاف ويهي نبيرڻ گهرجن، سرجري روبوٽس جي اجائي خريداري ڪرڻ وارا نگران وزير جا الزام درست نه آهن

لاڳاپيل پوسٽون

  • سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۾ وڏي ردوبدل

  • لاڙڪاڻي ۾ مڙهه کڻن به مشڪل ٻڻيل

  • حيدرآباد کي اڌ ڪلاڪ جي برسات ٻوڙي ڇڏيو

  • ڪنوار شانتي جو گلابن جهڙو مک مرجهائجڻ لڳو