ن ليگ جي چونڊ مهم نيٺ شروع: اسان اليڪشن نه کٽي ته عوامي سيلاب سڀ ڪجهه لوڙهي ڇڏيندو: شهباز

جنوري 18, 2024

لاهور (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ ن چونڊ مهم نيٺ شروع ڪري ڇڏي آهي، ن ليگ جي صدر شهباز شريف  چيو آهي ته هي اليڪشن پاڪستان جي تقدير جو فيصلو ڪندي، جيڪڏهن اسان نه کٽيو ته عوامي ٻوڏ سڀ ڪجهه لوڙهي ڇڏيندي. صحافين سان ڳالهائيندي ميان شهباز شريف چيو ته 2018ع ۾ شينهن جو نشان کسيو ويو، جسٽس ثاقب نثار ذريعي نواز شريف جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو.  ايئن نه ڪيو وڃي ها ته اڄ پاڪستان ڏکيائين مان نڪري چڪو هجي ها. هن چيو ته نواز شريف چند ڏينهن ۾ ن ليگ جي منشُور بابت آگاهه ڪندو. اسين گڏجي محنت ڪري پاڪستان کي پيرن تي  بيهارينداسين، 8 فيبروري جو سفير، جنهن کي 2017ع ۾ ڏنڊي ۽ بيٽ سان ختم ڪيو ويو هو، ٻيهر شروع ڪنداسين. ن ليگ جي صدر وڌيڪ چيو ته سياست داءُ تي لڳائسين پر ان جو ڪو ڏک ناهي.رياست بچي وئي، سياست به بچي ويندي. اربين ڊالر ن سان ساليانو گيس، تيل، گھرائيندا آهيون. نوجوان ملڪ کي ترقي ڏياري سگھن ٿا، زراعت پاڪستان جي ڪرنگهي جي هڏي آهي، بدقسمتي سان ان تي ڪو ڪم نه پيو ٿئي. شهباز شريف وڌيڪ چيو ته ملڪي ترقي لاءِ بهتر ڪم ڪنداسين، ڏيوالو ٿي وڃون ها ته ماني ته پري دوا به نه ملي ها، اليڪشن ويجھي آهي، 8 فيبروري تي عوام پنهنجي ووٽ سان فيصلو ڪندو، ملڪ جي ترقي  ۽ معاشي مسئلن جي حل لاءِ ميثاق معيشت جو معاهدو ضروري آهي. هن چيو ته نواز شريف تي اسٽيبلشمينٽ جو ڪلهو استعمال ڪرڻ جو الزام غلط آهي، ڇو جو سڀني ڏٺو ته لاڏلو ڪير هو، جيڪڏهن اليڪشن ۾ اسين ڪامياب نه ٿياسين ته عوامي سيلاب سڀ ڪجهه لوڙهي ڇڏيندو.

Leave A Comment