ن ليگ سان اختلاف ختم: حڪومت جا اتحادي آهيون ۽ رهنداسين، نظام ۾ تبديلي نه پئي اچي: پ پ

ن ليگ سان اختلاف ختم: حڪومت جا اتحادي آهيون ۽ رهنداسين، نظام ۾ تبديلي نه پئي اچي: پ پ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي پارلياماني اجلاس ۾ مسلم ليگ (ن) سان پيدا ٿيل ويڇا ختم ڪرڻ جو فيصلو. ملڪي مفاد خاطر پاڪستان پيپلز پارٽي حڪومت جو ساٿ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس جي اندروني ڪهاڻي به سامهون اچي وئي. تفصيل موجب بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ ٿيل پيپلز پارٽي جي پارلياماني اجلاس ۾ آرڊيننس جي معاملي تي مشاورت ڪئي وئي. پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ وچ ۾ اختلاف ختم ٿي ويا آهن. اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف تصديق ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي جي پارلياماني پارٽي مڪمل هڪجهڙائي سان سسٽم سان گڏ بيٺل آهي، اسان حڪومت جا اتحادي آهيون ۽ اتحادي ئي رهنداسين. سسٽم ۾ ڪا به تبديلي نظر نٿي اچي. هن چيو ته آرڊيننس جي معاملي تي اسان جي واڪ آئوٽ جو نوٽيس وٺڻ سٺي ڳالهه آهي. حڪمران اتحاد ۾ مڪمل يڪجهتي جي فضا موجود آهي. پيپلز پارٽي جو حڪومتي اتحاد ۾ رهڻ پاڪستان جي مفاد ۾ آهي. پي ٽي آءِ سميت سڀني سياسي جماعتن کي به ملڪي مفاد ۾ فيصلا ڪرڻ گهرجن. چيئرمين سينيٽ سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته آرڊيننس جاري ٿيڻ ويڇا هجڻ جو نتيجو هو. اڳ واري زماني ۾ ويڇن سان محبت وڌندي هئي، پر موجوده دور ۾ ويڇا غلط فهمين جو سبب بڻجن ٿا. آرڊيننس جو جاري ٿيڻ به هڪ غلط فهمي هئي. راجا پرويز اشرف پارلياماني پارٽي جي اجلاس کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اپوزيشن ليڊر جي تقرير جو معاملو حل ٿي ويندو. اجلاس ۾ راجا پرويز اشرف، سيد نويد قمر، اعجاز جکراڻي، شهلا رضا، عبدالقادر پٽيل، آغا رفيع الله، ناز بلوچ، نوابزاده افتخار، شازيه مري، قاسم گيلاني شرڪت ڪئي. جڏهن ته ڪجهه ميمبرن زوم لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ٻئي طرف پيپلز پارٽي پارلياماني اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي. ذريعن موجب بلاول ڀٽو زرداري اجلاس جي ايجنڊا بابت سوال ڪيو. سيد نويد قمر ايجنڊا بابت بريفنگ ڏني. بلاول ڀٽو زرداري کي وفاقي حڪومت طرفان دانش اسڪولن بابت آگاهه ڪيو ويو. بلاول ڀٽو چيو ته دانش اسڪول صوبائي معاملو آهي. دانش اسڪولن بابت اهڙو رستو اختيار ڪيو وڃي، جنهن سان صوبائي خودمختياري متاثر نه ٿئي. ميمبرن کي اسٽيڊنگ ڪميٽين تي نظر رکڻ جي هدايت ڪئي وئي. آرڊيننس بابت قانونسازي اسٽيڊنگ ڪميٽين ۾ ٿيندي، ان تي فوڪس ڪيو وڃي. گڏيل پارليامينٽ جي ايجنڊا تي جيڪڏهن پيپلز پارٽي سان مشاورت نه ٿي ته پارٽي پنهنجي حڪمت عملي ٺاهيندي.