ن ليگ سان گڏيل اقتدار جو امڪان رد: نواز وزيراعظم ٿي به ويو ته وري چوندو مون کي ڇو ڪڍيو؟ شينهن اسان کي ڏسي لڪي ويو: بلاول
جنوري 20, 2024
اسلام آباد / رحيم يار خان (مانيٽرنگ ڊيسڪ ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته چونڊون کٽيون ته اتحادي حڪومت ٺاهينداسين، ن ليگ سان گڏجي مخلوق حڪومت ٺاهڻ جو ڪو ارادو ڪونهي. خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان فيصلو ڪيو آهي ته حڪومت ۾ اچي 17 وزارتون بند ڪنداسين. ان مان بچندڙ رقم قوم جي ترقي ۽ ڀلائي تي خرچ ڪئي ويندي. هن چيو ته اشرافيا کي 15 سوو ارب رپين جي سبسڊي ڏني وڃي ٿي، اها بند ڪنداسين. غريب خاندانن کي سولر زريعي 399 يونٽ بجلي مفت ڏينداسين. ڇو جو اسان جي 10 نقاطي ايجنڊا ۾ هڪڙو نقطو غريبن کي مفت بجلي ڏيڻ به آهي. عوام بجلي جي ڳرن بلن مان خوش ناهي. اشرافيا جي سبسڊي ختم ڪري عوام کي رليف ڏينداسين. پ پ چيئرمين جو وڌيڪ چوڻ هو ته ن ليگ اسان تي ٽوڪون ڪري ٿي پر اسان جي اعلان کان پوءِ پاڻ ٻه سو يونٽ بجلي مفت ڪرڻ جو اعلان به ڪري ٿي. معاشي ماهرن اسان کي پبلڪ پرائيويٽ ذريعي ڪيل قدمن کي بهتر قرار ڏنو آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف ڪا پابندي نه ٿو هڻي، چوي ٿو جيڪو ڪجهه ڪريو اهو بجيٽ ۾ فنڊ ڪريو. اسان کي ڏکيا فيصلا ڪرڻا پوندا. پوئتي پيل طبقي تي هاڻي وڌيڪ بار نٿو وجھي سگھجي. سندس چوڻ هو ته اسان سنڌ ۾ ويهه لک گھر ڏنا آهن. جيڪو سڄي دنيا ۾ وڏو رهائشي منصوبو آهي. گھرن جي اڏاوت لاءِ عالمي بينڪ ۽ وفاقي حڪومت سان وڙهي سڙهي به پيسا ورتا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حڪومت ملي ته وفاق ۾ به پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ڪنداسين، پيپلزپارٽي جي حڪومت آئي ته ناڻي وزير ڪير هوندو؟ بابت سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان جي پاليسي آهي ته اسحاق ڊار کان سواءِ ڪير به. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پي ڊي ايم اتحادين کي اعتماد ۾ وٺڻ بنا فيصلا ڪيا، گڏيل فيصلاڪري ها ته رياست به بچي ها ۽ رياست به بچي وڃي ها. هن چيو ته پي ڊي ايم حڪومت مفتاح اسماعيل کي هٽائڻ جو فيصلو اعتماد ۾ وٺڻ بنا ڪيو. سندس چوڻ هو ته گذريل حڪومت ٽن مهينن تائين آءِ ايم ايف پروگرام تي عمل نه ڪيو. هنن جي سوچ هئي ته سياسي فائدو ٿيندو ۽ هي ضمني اليڪشن کٽي ويندا. انهن جي فيصلي سان معيشت جو نقصان ٿيو ۽ ضمني اليڪشن به هارائي ويا. پوءِ آخر ۾ شهباز شريف ناڻي وزير کي پاڪستان ۾ ڇڏي آءِ ايم ايف سان معاملا طئي ڪيا. هن چيو ته اسلام آباد ۾ ويٺل ڌريون اين ايف سي خلاف سازش ڪنديون رهن ٿيو. اسلام آباد ۾ هر مسئلي جو حل ارڙهين ترميم کي ختم ڪرڻ ۾ سمجهيو وڃي ٿو. اتي هر مسئلي جو حل اين ايف سي جو حصو صوبن کي نه ڏيڻ ۾ سمجهيو وڃي ٿو. هن چيو ته پيپلزپارٽي ڪنهن به پارٽي کان نشان کسجڻ ۾ خوش ناهي. پر پي ٽي آءِ کي پنهنجي دفاع لاءِ پورو پورو موقعو ڏنو ويو هو. پي ٽي آءِ جي قانوني ٽيم جي ڪوتاهين جي ڪري چونڊ نشان کسجي ويو. پي ٽي آءِ جي باني کي اهو سمجھڻو پوندو ته جنهن قسم جي سياست هو ڪرڻ چاهي ٿو اها هاڻي نه هلندي. اسان کي اليڪشن کٽڻ کان پوءِ قانون سازي ڪرڻي پوندي. چونڊ وڙهڻ جو عمل آسان ڪرڻو پوندو. بلاول وڌيڪ چيو ته اسين اتحادين سان گڏجي حڪومت ٺاهينداسين. ن ليگ سان گڏجي مخلوق حڪومت ٺاهڻ جو ڪو ارادو ڪونهي. هن چيو ته نواز شريف هن ڀيري اپوزيشن ليڊر ٿي سگھي ٿو پر کيس حڪومت نه ملندي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاناما هڪ حقيقت آهي، ان جو جواب اڃا تائين اسان ک ناهي مليو. اها واقعي زيادتي هئي ته پٽ کان پگھار نه ملڻ تي کين ڪڍيو ويو پره پاناما ۾ هنن اڄ تائين مني ٽريل ناهي ڏني. هن چيو ته پاناما جي معاملي تي سياست ڪرڻ پ پ جي سياست تي ڪارو داغ ناهي. هن چيو ته گارگند ۽ نفرت جي سياست جي ڪري عوام جو سياست تان ويساهه کڄي ويو آهي. ٻئي پاسي رحيم يار خان ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مس مس ڪالهه شينهن نظر آيو آهي، ايئن نه ٿئي جو ٻيهر ڊڄي لڪي وڃي. هي ٽي ڀيرا عوام جو رت چوسي چڪو آهي، هاڻي چوٿون ڀيرو به وزيراعظم ٿيڻ چاهي ٿو. وزيراعظم ٿي به ويو ته وري چوندو مون کي ڇو ڪڍيو. اسان لاهور جي سياستدانن کان ڊڄڻ وارا ناهيون ، چونڊن ۾ ڄمي مقابلو ڪنداسين. اسان جو پنجاب ۾ مقابلو ضياءُ الحق جي مسلم ليگ سان آهي. ڪالهه مسين مسين شينهن نظر آيو، ائين نه ٿئي اوهان جو انگ ڏسي شير واپس گهر ۾ لڪي ويهي رهي، لاهور جي سياستدانن کي پيغام آهي ته ڊڄڻ وارا ناهيون، ڄمي مقابلو ڪنداسين. بلاول چيو ته عام چونڊن ۾ عوام ۽ پيپلز پارٽي جي فتح ٿيندي، عوام بيروزگاري ۽ مهانگائي سبب پريشان آهي، رڳو پ پ آهي جيڪا اليڪشن پنهنجي منشور تي وڙهي رهي آهي، اسان مهانگائي ۽ غربت جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ڏهه نڪاتي ايجنڊا پيش ڪئي آهي، حڪومت ملي ته ان تي عمل ڪندس، قائد عوام ۽ شهيد بينظير ڀٽو جيان واعدا پورا ڪندس. هن چيو ته هڪ همراهه جيڪو وزيراعظم جنهن کي ٿيڻو هو چوندو هو پنجاهه لک گهر ٺاهيندس، اسان سنڌ ۾ گهر ٺاهي مالڪاڻا حق ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو آهي، کين رڳو اِها ڳڻتي آهي ته ڪيئن به ڪري چوٿون ڀيرو ڪرسي تي ويهون. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هر سال هڪ 1500 ارب اشرافيا کي سبسڊي ڏني ويندي آهي، حڪومت ٺهي ته اشرافيا جي سبسدڊي ختم ڪري پئسو اوهان تي خرچ ڪندس. پهريان به بي آءِ ايس پي پروگرام آندو هو هاڻي هاري ڪارڊ آڻينداسين، اسان بينظير پورهيت ڪارڊ ذريعي مالي مدد پهچائينداسين، عورتن کي بنا وياج قرض ڏينداسين ته جيئن هو ڪاروبار شروع ڪري سگهن.