ن ليگ مشاورت بنا اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميمون ڪري ڇڏيون: اتحادين جو سخت احتجاج: منظوري لاءِ اڄ گڏيل پارليامينٽ جو ٻيهر اجلاس ٿيندو

جُولاءِ 26, 2023

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) گڏيل پارليامينٽ اجلاس ۾ حڪومت جي چونڊ سڌارن جي منظوري بابت چالاڪي اڳيان حڪومت جي اتحادي پارٽين جا ميمبر ديوار بڻجي ويا، مخالفت سبب حڪومت کي هڪ ڏينهن لاءِ چونڊ سڌارن بابت ترميمون منظور ڪرائڻ جو عمل ملتوي ڪرڻو پئجي ويو، چونڊ سڌارن بابت ترميمون منظور ڪرائڻ لاءِ اڄ ٻيهر گڏيل پارليامينٽ جو اجلاس ٿيندو، چونڊ سڌارن بابت تيار ڪيل ترميمي بل تحت نگران حڪومت کي غير ملڪي ادارن سان معاهدا ڪرڻ جا به اختيار ملي ويندا

  گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس ۾ پيپلزپارٽي سان تعلق رکندڙ رضا رباني توڙي جي يو آءِ سان تعلق رکندڙ ڪامران مرتضيٰ ۽ پيپلزپارٽي جي تاج حيدر، جماعت اسلامي جي مشتاق احمد پاران چونڊ سڌارن واري بل تي اعتراض واريا ويا، پي ٽي آءِ جي علي ظفر به مخالفت ڪئي

 جي يو آءِ جي چونڊ سڌارن بابت ڪاميٽي ۾ شامل ميمبر ڪامران مرتضيٰ ۽ پيپلزپارٽي مان چونڊ سڌارن بابت ڪاميٽي ۾ ميمبر تاج حيدر چيو ته چونڊ سڌارن واري ڪاميٽي ۾ نگران حڪومت کي اختيار ڏيڻ بابت ڪنهن به ترميم تي ڪو به بحث ئي نه ٿيو آهي ته پوءِ ان حوالي سان ترميمون ڪيئن شامل ڪيون ويون آهن

 پي ٽي آءِ جي چونڊ سڌارن واري ڪاميٽي ۾ شامل ميمبر علي ظفر به نگران حڪومت کي اختيار ڏيڻ بابت ڪنهن به ترميم تي چونڊ سڌارن واري ڪاميٽي ۾ ڪو بحث نه ٿيڻ واري موقف جي تصديق ڪئي

چونڊ سڌارن واري ڪاميٽي توڙي حڪومت پاران اليڪشن ايڪٽ 2017ع ۾ تجويز ڪيل ترميمن جي پنهنجي اخبار وٽ موجود ڊرافٽ مطابق چونڊ سڌارن بابت اليڪشن ايڪٽ 2017ع ۾ 54 ترميمون شامل ڪيون ويون آهن، اليڪشن ايڪٽ جي شق 230 جي سب ڪلاز 2 اي ۾ ترميم ۾ ڪئي وئي آهي

تجويز ڪيل ترميم موجب سيڪشن 230 تحت نگران وزيراعظم جي مالي اختيارن ۾ واڌ ڪئي ويندي، نگران حڪومت کي اضافي اختيار حاصل هوندا، نگران حڪومت کي ملڪي معيشت جي بهتر مفاد بابت ضروري فيصلا ڪرڻ جو اختيار هوندو، نگران حڪومت اهڙا قدم کڻڻ جي مجاز هوندي جيڪي عالمي ادارن ۽ غير ملڪي حڪومتن سان معاهدن بابت هوندا، نگران حڪومت روز مرهه جي ڪمن کان علاوه هنگامي نوعيت جي مامرن بابت فيصلا به ڪري سگهندي

 ترميم تحت پرزائيڊنگ آفيسر نتيجا فوري طور تي اليڪشن ڪميشن ۽ رٽرننگ آفيسر کي موڪلڻ جو پابند هوندو، پرزائيڊنگ آفيسر حتمي نتيجي جي تصوير ٺاهي رٽرننگ آفيسر ۽ اليڪشن ڪميشن کي موڪليندو، انٽرنيٽ جي سهولت نه هجڻ جي صورت ۾ پرزائيڊنگ آفيسر اصل نتيجا فزيڪلي پهچائڻ جو پابند هوندو، پرزائيڊنگ آفيسر چونڊ جي رات 2 وڳي تائين نتيجا ڏيڻ جو پابند هوندو، پرزائيڊنگ آفيسر کي دير جي صورت ۾ پڪا سبب ٻڌائڻا پوندا، پرزائيڊنگ آفيسر وٽ چونڊ نتيجن جي لاءِ ٻئي ڏينهن صبح جو 10 وڳي تائين جو وقت هوندو

 اليڪشن ڪميشن پولنگ کان هڪ ڏينهن اڳ شڪايتون اڪلائڻ جي پابند هوندي، نادرا اليڪشن ڪميشن کي نون شناختي ڪارڊن جو رڪارڊ فراهم ڪرڻ جي پابندي هوندي، پولنگ ڏينهن کان 5 ڏينهن پهريان پولنگ اسٽيشن تبديل نه ڪري سگهبي، اليڪشن ڪميشن پولنگ عملي جا تفصيل ويب سائيٽ تي جاري ڪندي، پولنگ عملو چونڊن دوران پنهنجي تعلقي ۾ ڊيوٽي نه ڏيندو

پولنگ اسٽيشن ۾ ڪيمرائن جي لڳائڻ ۾ ووٽ جي رازداري يقيني بڻائي ويندي، لاپرواهي تي پرزائيڊنگ آفيسر ۽ رٽرننگ آفيسر جي خلاف فوجداري ڪارروائي ڪئي ويندي، ضابطه اخلاق جي خلاف ورزي جو فيصلو 15 ڏينهن بدران 7 ڏينهن ۾ ڪيو ويندو، پولنگ عملي جي حتمي فهرست اليڪشن ڪميشن ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪندي

تڪبنديون رجسٽرڊ ووٽرن جي مساوي تعداد جي بنياد تي ڪيون وينديون، تڪبندين جو عمل چونڊ شيڊيول جي اعلان کان 4 مهينا پهريان مڪمل ٿيندو، سڀني چونڊ تڪن ۾ رجسٽرڊ ووٽرن جو تعداد برابر هوندو، تڪ ۾ ووٽرن جي تعداد ۾ فرق 5 سيڪڙو کان وڌيڪ نه هوندو، تڪبندين جي خلاف شڪايتون 30 ڏينهن ۾ ڪري سگهبيون

ڪامياب اميدوار 60 ڏينهن ۾ قومي اسيمبلي يا سينيٽ جي سيٽ تي حلف کڻڻ جو پابند هوندو، حلف نه کڻڻ جي صورت ۾ سيٽ خالي تصور ٿيندي، سينيٽ جي ٽيڪنوڪريٽ سيٽ تي تعليمي قابليت کانسواءِ 20 سالن جو تجربو به گهربل هوندو، چونڊ خرچن لاءِ اميدوار پهريان ئي استعمال هيٺ بينڪ اڪائونٽ استعمال ڪري سگهندو،

نامزدگي ڪاغذ رد يا واپس وٺڻ جي صورت ۾ اميدوار کي فيس واپس ڪئي ويندي، اميدوار پڪن سببن تحت پولنگ اسٽيشنن جي قيام تي اعتراض ڪري سگهندو، حتمي نتيجن جي ٽن ڏينهن ۾ سياسي جماعتون مخصوص سيٽن  تي ترجيحي لسٽ فراهم ڪندي، قومي اسيمبلي جي سيٽ جي لاءِ خرچن جي حد 40 لک کان وڌائي هڪ ڪروڙ تائين ڪرڻ ڪرڻ جي تجويز شامل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته صوبائي سيٽ جي لاءِ اميدوار چونڊ مهم تي 20 بدران 40 لک خرچ ڪري سگهندا

اميدوار 10 ڏينهن اندر تڪ ۾ پولنگ عملي جي مقرري کي چيلينج ڪري سگهندو، سيڪيورٽي اهلڪار پولنگ اسٽيشن جي ٻاهر ڊيوٽي ڏيندا جڏهن ته هنگامي صورتحال ۾ پرزائيڊنگ آفيسر جي اجازت سان پولنگ اسٽيشن جي اندر اچي سگهندا

اليڪشن ڪميشن رٽرننگ آفيسر جي ماتحت تڪ جي ووٽر لسٽ پولنگ کان 30 ڏينهن پهريان فراهم ڪرڻ جي پابند هوندي، معذور ماڻهن کي ووٽ جون سهولتون ڏيڻ جو پرزائيڊنگ آفيسر پابند هوندو،اليڪشن ٽربيونل 180 ڏينهن ۾ اميدوار پاران داخل ڪيل پٽيشن تي فيصلو ڏيڻ جو پابند هوندو،

انٽرا پارٽي چونڊون نه ڪرائڻ جي صورت ۾ پارٽي تي 2 لک رپيا ڏنڊ لڳندو، گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس مان رانا مقبول والدين جي تحفظ جو بل واپس وٺي ڇڏيو جڏهن ته گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس مان حڪومت ٽي ترميمي بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪرائي ورتا آھن جن قانون شهادت ترميمي بل، منشيات جي روڪٿام واري قانون ۾ ترميم جو بل ۽ پيٽروليم ترميمي بل شامل آھن

پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ چونڊ سڌارن بابت اوچتي قانونسازي تي رضا رباني، سينيٽر مشتاق ۽ ٻين سخت احتجاج ڪيو، رضا رباني چيو ته ائين پيو لڳي ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جيان پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي به رٻڙ اسٽيمپ بڻايو پيو وڃي، جيڪا قانونسازي ٿيڻي آهي اهو بل مسودي جي صورت ۾ اسان وٽ موجود نه آهي، اهڙي راند جو حصو نه بڻجو، جنهن سان پارليامينٽ يا گڏيل اجلاس بلڊوز ٿئي

 جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق رضا رباني جا ٿورا مڃيندي چيو ته توهان جي موقف جي حمايت ڪيان ٿو، پارليامينٽ کي آڱوٺي ڇاپ نه بڻايو، سينيٽر ڪامران مرتضيٰ به چيو ته اسان کي ڪالهه به اهو منظور نه هو ته پارليامينٽ جي ميمبرز کي هڪلي آندو وڃي، اسان کي اڄ به قبول نه آهي ته ميمبرز کان رڳو آڱوٺا هڻايا وڃن، گذريل دور ۾ به ائين ٿيندو رهيو آهي، سيٽون تبديل ٿيڻ باوجود پارليامينٽ جو جنازو نڪري رهيو آهي

سينيٽر علي ظفر  چيو ته پارليامينٽ عظيم ادارو آهي، حڪم ڪيو ويندو آهي ته ها يا نه ڪريو، قانون ته پاس ٿي ويندو آهي پر ان قانون جي حيثيت عوام آڏو ڇا هوندي، پارليامينٽ جي حيثيت هاڻي ها يا نه ڪرڻ جي رهجي وئي آهي، قانونسازي ٿي رهي آهي پر قانون نظر نٿو اچي، اهڙن روين سان پارليامينٽ جي توقير عوام ۾ ختم ٿي رهي آهي، روايت تبديل نه ڪئي ته ماڻهو چوندا اسان پارليامينٽ کي نٿا مڃون، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اڄ رٿيل قانونسازي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي

Leave A Comment