ن ليگ ۽ پ پ جا 20 آزاد اميدوارن سان رابطا: پي ٽي آءِ جو پنهنجي ميمبرن خلاف ايڪشن
فيبروري 12, 2024
اسلام آباد (م ڊ) ن ليگ ۽ پ پ سان رابطن تي پي ٽي آءِ پنهنجي حمايت يافته ڪامياب اميدوارن کان استعيفائون ۽ حلف ناما گهري ورتا. ذريعن موجب پ پ ۽ ن ليگ پي ٽي آءِ جي حمايت يافته 20 کان وڌيڪ ميمبرن سان رابطا ڪيا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته رابطن کانپوءِ پي ٽي آءِ اڳواڻ گوهر خان، عمير نيازي ذريعي ميمبرن کان استعيفائون ۽ حلف ناما گهريا آهن. ذريعن موجب استعيفائون ۽ حلف ناما وٺڻ جو مقصد آزاد ميمبرن کي وفاداريون تبديل ڪرڻ کان روڪڻ آهي. هوڏانهن خانگي ٽي وي چينل جي اليڪشن ٽرانسميشن ۾ بيرسٽر گوهر خان وسيم قادر جي ن ليگ ۾ شموليت جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته هي هڪڙو ماڻهو پارٽي ڇڏي ن ليگ ۾ شامل ٿيو آهي، ٻين تي اسان جي نظر آهي، اسين معاملي کي ڏسي رهيا آهيون. هن چيو ته اسان خدشي جو اظهار ڪيو هو ته ڪجهه ماڻهو وفاداريون تبديل ڪندا. هن پارٽي اڳواڻن کان استيعفا ۽ حلف ناما وٺڻ جي ترديد ڪئي. هن چيو ته پارٽي اجلاس ۾ اسان جي ڳالهه ٿي هئي ته عمير نيازي ۽ ٻيا اڳواڻ نئين چونڊين ايم اين ايز سان رابطي ۾ رهندا. هن چيو ته وسيم قادر سان ڪو رابطو ناهي ٿيو. پر جنهن جي حمايت سان ڪو چونڊجي اچي ۽ ٻي پارٽي ۾ شامل ٿي وڃي، اها ڪا سٺي روايت نه آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ بيرسٽر گوهر چيو ته هڪ ٻن ڏينهن ۾ فيصلو ڪري وٺنداسين ته ڪهڙي پارٽي ۾ شامل ٿيڻو آهي. اسين ڪنهن سان اتحاد نه ڪنداسين. ڪنهن به پارٽي کي جوائن ڪري سگھجي ٿو، ضروري ناهي ته اها پارليامينٽ ۾ موجود هجي. ان سلسلي ۾ جماعت اسلامي سان اسان جو ڪو رابطو ناهي ٿيو. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جلد معاملا اڪلائي، اسان وٽ هر ڳالهه جا ثبوت آهن.