| ن ليگ ۽ پ پ ۾ قانونسازي تي ڊيڊ لاڪ ختم: آءِ ايم ايف شرطن سميت 30 بل منظور ڪرائڻ تي اتفاق |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي وچ ۾ قانونسازي ۾ سهڪار تي ڊيڊلاڪ ختم ٿي ويو، پيپلزپارٽي ايندڙ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي اجلاسن ۾ قانونسازي ۾ حڪومت جي حمايت ڪندي، ذريعن پ پ ۽ ن ليگ وچ ۾ چونڊ سڌارن بابت پارلياماني ڪميٽي ٺاهڻ تي به اتفاق ٿي ويو، چونڊ سڌارا ڪميٽي جي چيئرمين شپ پ پ کي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي، چونڊ سڌارا ڪميٽي ۾ پارليامان ۾ شامل سمورين جماعتن کي نمائندگي ڏني ويندي، پارلياماني ڪميٽي ۾ سمورين جماعتن کي ٻنهي ايوانن ۾ تعداد جي بنياد تي نمائندگي ملندي، آءِ ايم ايف جي شرطن تي ٻڌل بلز سميت 30 مختلف بلز جي منظوري تي به اتفاق ٿيو آهي.