ن ليگ ۾ ٽڪيٽن تان اختلاف نبري نه سگھيا، آءِ پي پي سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ به رولڙي جو شڪار

جنوري 3, 2024

لاهور (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ ن ۾ ٽڪيٽن جي ورڇ تان اڃا تائين اختلاف برقرار آهن. جنهن تي قيادت صلاح مشورا ڪري رهي آهي. ذريعن موجب اياز صادق، روحيل اصغر، طلال چوڌري جو معاملو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ذريعن ٻڌايو ته اين اي 121 تان روحيل اصغر پارٽي قيادت کي اليڪشن وڙهڻ جو واضح اشارو ڏئي ڇڏيو آهي، اين اي 121 جي 12 يونين ڪائونسلن جا چيئرمين اياز صادق جا حمايتي آهن. ذريعن موجب اياز صادق اين اي 119 ۽ 117 تان به نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏي آهي ۽ ڇنڇر جي ڏينهن ٿيندڙاجلاس ۾ اياز صادق به پنهنجو موقف پيش ڪندي چيو ته تڪ جا ماڻهو چون ٿا ته هو پنهنجي تڪ تان نٿا وڙهي سگھن، آئون ضد ڪرڻ ۽ مڃائڻ ڄاڻيان ٿو پر پارٽي ڊسپلن جو پابند آهيان.  ذريعن موجب اين اي 96 جڙانوالا ۾ طلال چوڌري ۽ نواب شير وسير جو معاملو به حل نه ٿي سگھيو آهي، ن ليگ ۾ طلال ۽ شير وسير لاءِ ڌار ڌار مضبوط گروپ ڪم ڪري رهيا آهن. نواب شير و سير پي  ٽي آءِ جي باغي ميمبرن مان آهي، ۽ شهباز شريف جي راءِ آهي ته نواب شير و سير کي ٽڪيٽ جاري ڪئي وڃي. ڇو جو ن ليگ جي ڪجهه اڳواڻن نواب شير وسير  کي ٽڪيٽ ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو.  ذريعن جو چوڻ آهي ته استحڪام پاڪستان پارٽي سان به سيٽ ايڊجسٽمينٽ جو معاملو اڃا حل ناهي ٿيو، ن ليگ ۽ آءِ پي پي جي قيادت ۾ مشورا جاري آهن. ن ليگ آءِ پي پي کي لاهور ۾ هڪ قومي ۽ 2 صوبائي سيٽون ڏيڻ چاهي ٿي، ن ليگ جي پارلياماني بورڊ ۾ آءِ پي پي سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ تي سوال به اٿيو هو. هوڏانهن ذريعن ٻڌايو آهي ته نارووال ۾ احسن اقبال ۽ دانيال عزيز جو به جھيڙو جاري آهي، احسن اقبال دانيال عزيز جي اين اي 75 هيٺ پي پي 54 ۾ ڪاغز جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، پي پي 54 ۾ دانيال عزيز پنهنجي نمائندي کي ٽڪيٽ ڏيارڻ چاهي ٿو.

Leave A Comment