هئه هئه مِٺا اباڻا!

جُولاءِ 1, 2023

 خبر ناهي ته هاڻ ڀارتي ريڊيو دوردرشن تان ماسٽر چندر جو اهو ڪلام اڄ به هلي ٿو يا نه، جيڪو هن سنڌي فلم ‘اباڻا’ لاءِ ڳايو هو پر جڏهن ڪنڌڪوٽ مان ڪجهه هندو خاندان لڏپلاڻ ڪري ڀارت روانا ٿيا، تڏهن اهو ڪلام مونکي شدت سان ياد آيو

وطن کان جدا ٿي لڏيندا وڃن ٿا

ير پکي باغ پنهنجو ڇڏيندا وڃن ٿا

هئه هئه پکا پراڻا، هئه هئه وطن جا ٽاڻا

هئه هئه مِٺا اباڻا!!

اها فلم 1958ع ڌاري رليز ٿي هئي، جڏهن ورهاڱي کي اڃان ڏهاڪو سال مس ٿيا هئا. پر انهن ڏهن سالن اندر گهڻو ڪجهه بدلجي ويو. هڪڙي ديش کي سيمائون اچي ويون، هڪڙي خطي جي ڊيموگرافي بدلجي وئي، ثقافتي هم آهنگي ۾ ڏار پئجي ويا. انساني تاريخ جي سڀ کان وڏي لڏپلاڻ ٿي هئي، جنهن ۾ حاصلات کان وڌيڪ وڃايو گهڻو ڪجهه ويو هو. سرحد جي ٻنهي پاسي سوڳ هو. بي سرو ساماني ۾ پنهنجا اجها ڇڏيندڙن وٽ مستقبل جي ڪا ضمانت نه هئي. هو فقط پنهنجو ۽ پنهنجي ٻارن جو جيءُ کڻي نڪتا هئا. اهو وطن، اها مِٽي جتي سندن وڏڙن جون سماڌيون آهن، جتي تيرٿ آسٿان آهن، جنهن جي سنڌوءَ جي پوتر جل ۾ سندن پرکن جون اگني سنسڪار ڪيل هستيون موجود آهن، اهو وطن، اها مِٽي هميشه لاءِ ڇڏي وڃڻ ڪيترو ڪربناڪ آهي، تنهن جو اندازو گهٽ ۾ گهٽ اهي ماڻهو ته قطعي نٿا ڪري سگهن، جيڪي کين سنڌي هجڻ ناتي اها ميار ڏين ٿا ته هو حالتن جو مقابلو ڪرڻ بنا فراريت اختيار ڪري رهيا آهن.

هاڻي اهڙن ماڻهن کي ڪير سمجهائي ته جڏهن ورهاڱو ٿيو هو، تڏهن به هتان جي هندو رهواسين پنهنجون مال ملڪيتون، حويليون ڪو خوشيءَ سان ڪونه ڇڏيون هيون، هنن دربدري ۽ هجرت جو عذاب دل سان نه قبوليو هو، پر هنن جي لڏپلاڻ جبري دٻاءُ جو نتيجو هئي. مونکي جوڌپور ۾ لڏي آيل هڪ سنڌي هندو ٻڌايو هو ته پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجا گهر گهاٽ ڇڏڻ ايترو سولو ڪونهي، جيترو سمجهيو وڃي ٿو. هتي جا عذاب ئي جدا آهن. جڏهن ورهاڱي جو واءُ گهليو هو ۽ پنجاب ۾ رتوڇاڻ هئي، تڏهن به سنڌ ۾ ٺاپر هئي. 47ع کانپوءِ جيڪا آبادي هندستان مان لڏ پلاڻ ڪري سنڌ ۾ آئي،

تنهن بعد سنڌ واسي هندن مٿان عذاب جون گهڙيون شروع ٿيون. سندن مال ملڪيتن تي منظم حملا ڪيا ويا. سکر، نوابشاه کان ويندي ڪراچي تائين هندن جي ملڪيتن کي ساڙيو ويو ۽ پوءِ هندن وٽ ان دٻاءُ کانپوءِ ڪو رستو نه بچيو ته هو لڏپلاڻ ڪري وڃن. اهو دٻاءُ، جنهن ۾ هو ڏهاڪن کان رهندا آيا آهن ۽ هي لقاءَ ڏسي ته ايئن لڳي ٿو ڄڻ ورهاڱي جو تسلسل سنڌ ۾ اڄ به جاري آهي، ڀلي حالتون مختلف هجن پر اها لڏپلاڻ ڪڏهن بند ئي ڪانه ٿي هئي. سنڌي هندن کي سنڌ مان لڏائڻ لاءِ جيڪا منظم منصوبابندي ڪئي وئي، هينئر لڳي ٿو انهن زخمن کي ٻيهر جيئاريو پيو وڃي. ڪنهن لکيو هو ته ورهاڱي کانپوءِ جيڪا لڏ پلاڻ ٿي، تنهن وقت هجرت ڪندڙن سان ٽرينون ايئن سٿيل هونديون هيون، جيئن تيلين سان ڀريل ماچيس جي دٻي. تنهن هجرت جي درد کي نارائڻ شيام جي هن شعر ۾ ڏسي سگهجي ٿو:

الائي ڪهڙي گهڙي شيام ان مان نڪتاسين

وطن ورڻ ته ڇا، سرحد ڏسڻ نصيب نه ٿي

سنڌ ڇڏي ويل ڪيترائي سنڌي وري اباڻن ڪکن ڏانهن موٽي ڪونه آيا، هو پکي بڻجي اڏاڻا ته پنهنجن آکيرن ڏانهن نه وريا. واقعي انهن کي وطن جا وڻ ته ٺهيو پر سرحد ڏسڻ به نصيب نه ٿي. هو ڀارت سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ٽڙي پکڙي ويا. اتي رهائش اختيار ڪيائون، ڪاروبار ڪيائون، انهن ملڪن ۾ سماجي، سياسي رهبر ٿي اڀريا پر هو واپس نه وريا. سنڌ پڙهيل ڳڙهيل، ڪاروباري، انٽرپرينيئور ڪلاس کان محروم ٿي وئي، جيڪا اڃان تائين انهيءَ ورهاڱي جو ڏنڊ ڀريندي پئي اچي. ڪوٽڙيءَ جي موهن ڪلپنا جي به پنهنجي مرتيو تائين اها خواهش رهي ته هو هڪ ڀيرو سنڌ جي ڌرتيءَ تي پير گهمائي، اهي وڻ ۽ وٿاڻ وري ڏسي پر ايئن نه ٿي سگهيو. هن پنهنجي آتم ڪٿا “بک، عشق ۽ ادب” ۾ لکيو ته، “مان ائين ئي جلاوطنيءَ ۾ ئي ڳري سڙي ختم ٿي ويندس ۽ پوءِ شايد ڪي ماڻهو ڳالهه ڪندا،

هڪ هئي سنڌ ۽ هڪ هو موهن ڪلپنا، ٻنهي هڪٻئي سان ڏاڍي محبت ڪئي، پر ملي نه سگهيا!” ۽ موهن جي اها ڪلپنا، فقط ڪلپنا ئي رهجي وئي. هڪ ڳالهه بهرحال انهن سڀني ۾ مشترڪ رهي ته هو پنهنجي اباڻي وطن کي وساري نه سگهيا. سنڌ هنن جي يادگيرين ۾ مرڻ گهڙيءَ تائين نه رڳو رهي پر هنن انهيءَ ياد جو ورثو پنهنجي ايندڙ نسل کي به منتقل ڪيو. يقينن ڪنڌڪوٽ مان پنهنجا پکا ڇڏيندڙ سنڌ کي وساري نه سگهندا پر ڇا اها ڳالهه سنڌ ۾ رهندڙن لاءِ اطمينان جوڳي هجڻ گهرجي؟ ڇا اسان کي ان تي فخر ڪرڻ گهرجي؟ اسان جيڪي انهيءَ لڏپلاڻ جي اثرن تي ته ڳالهايون ٿا، ان جو ماتم به ڪريون ٿا پر انهن سببن تي ڇو نٿا ويچاريون ته کين پنهنجي جُوءِ ڇڏڻي ڇو ٿي پوي؟

سنڌ ۾ ڪافي عرصي کان سنڌي هندن کي مختلف طبقن پاران نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ٿيندي رهي آهي، چاهي نياڻين جي جبري مذهب جي تبديليءَ جا واقعا هجن، ڀُنگ لاءِ اغوا جا مامرا، سندن مذهبي جاين ۽ مورتين جي ڀڃ ڊاهه يا ڪاروباري ماڻهن کي ڀتي لاءِ تنگ ڪرڻ جا مسئلا هجن، جيڪب آباد کان ڪشمور ۽ سکر کان ڪراچي تائين جا هندو ڪافي عرصي کان پنهنجي تحفظ لاءِ ٻاڪاريندا رهيا آهن. عدم تحفظ جي هڪ مستقل تلوار سندن مٿان لڙڪندي رهي آهي. اها تلوار جيتوڻيڪ مسلمان سنڌين مٿان به لڙڪندي رهي آهي پر هتي جنهن نموني سان مذهبي ويڇا وڌائي، اَسهپ جو ماحول پيدا ڪيو ويو، جنهن نموني سان مختلف قانونن جي غلط استعمال سان هندو برادريءَ کي نشانو بڻايو ويو، تنهن سنڌ جي ثقافتي هم آهنگيءَ کي زبردست ڇيهو رسايو. عام طور تي ٻولي، ڪلچر، رهڻي ڪهڻي، تاريخ جي حوالي سان سنڌي ٿي رهندڙن ۾ مذهبي ويڇن جي ديوار کڙي ٿي وئي ۽ اهي سنڌ واسي جيڪي بنا ڪنهن مذهبي فرق جي فقط سنڌي ليکيا ويندا هئا،

سي اقليتن جي نالي سان سڏجڻ لڳا. اهو سماجي فرق گهرو ٿي ان حد تائين پهتو جو هندو پاڻ کي سنڌ واسي يا سنڌي ۽ اکنڊ سنڌ جو حصو سمجهڻ بدران هندو يا اقليت سمجهڻ لڳا. ان جو ذميوار هو نه پر اسان سڀ آهيون. هي حڪومتون، هي رياست آهي. اها رياست، جن هندستان مان لڏپلاڻ ڪري آيلن کي ته پنهنجي ملڪ جو حصو سمجهيو پر هتي رهندڙ غير مسلمن کي ملڪ جو حصو فقط زباني ڪلامي طور پنهنجي ضمير تي بار نه پوڻ لاءِ سمجهيو ويو. مونکي ذاتي طور لفظ اقليتن جي استعمال تي رنج آهي، جيئن جسم جي هر ننڍي وڏي حصي جو پنهنجو ڪردار آهي، اهڙي ريت سماج ۾ رهندڙ هر ننڍي وڏي طبقي جو پنهنجو ڪردار ۽ پنهنجو ڪارج آهي. اسين جڏهن اقليتن جو لفظ استعمال ڪريون ٿا ته انهن طبقن کي ڄڻ پنهنجي ئي وطن ۾ بي وطن ڪري ڇڏيون ٿا،

پنهنجائپ بدران هڪ ڌاريائپ جو احساس پيدا ڪريون ٿا. هي اهي ماڻهو آهن، جن خاص طور تي سنڌ جي بنيادي اڏاوت ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. سنڌ جا هندو جاتي جا ماڻهو هن ڌرتيءَ جو اهو قرض ادا ڪري ويا، جيڪو هنن تي واجب به نه هو. سماجي ڀلائي، خدمتِ خلق، ادارا جوڙڻ، مسڪينن جي واهر ڪرڻ… سندن اهي اهڃاڻ اڃان سوڌو سنڌ ۾ قائم آهن. توهان سنڌ جي جنهن به شهر ۾ هليا وڃو، توهان کي اتي سندن ڇڏيل نشانيون ملنديون. شڪارپور کان ڪراچي تائين اڄ به سندن خيراتي ڪمن جا حوالا موجود آهن. ادارا آهن جيڪي بنا ڪنهن مذهبي مت ڀيد جي سڀني جي خدمت ڪن پيا. بدقسمتيءَ سان اسان سندن ڇڏيل ورثو سنڀالي نه سگهياسين پر اسين هنن جي پونئيرن کي به سنڀالي نٿا سگهون.

سنگرار واري علائقي مان 7 ورهين جي پريا ڪماري اغوا ٿي وئي، اها هاڻ 9 سالن جي ٿي هوندي پر ان جو ڪو ڏس پتو ڪونهي. ايئن ئي ڪنڌڪوٽ مان معصوم جئه ديپ ڌاڙيلن جي چنبي ۾ آهي پر هاف فراءِ ۽ فل فراءِ جي ماهر پوليس وٽ ان معصوم کي بازياب ڪرائڻ جي ڪا حڪمت عملي ڪانهي. سنڌ جا اتريان علائقا مڪمل طور تي ڌاڙيلن جي رحم و ڪرم تي آهن. پوليس آپريشن جي نالي ۾ جيڪي به ايڊوينچر ڪري ٿي، پنهنجا جوان مارائي واپس ٿئي ٿي. اهڙي پوليس مان امن امان جي ڪهڙي اميد رکي سگهجي ٿي، جيڪا ڀوتارن جي ته ٻڌي ٻانهي هجي پر عوام لاءِ ڪنهن آسري يا ڏوهارين لاءِ ڊپ جي علامت نه هجي. اهڙي عالم ۾ جن وٽ هڙ ۾ چار پيسا هوندا، مجبور ٿي اهي پنهنجا وٿاڻ ڇڏيندا. اها ئي ڪنڌڪوٽ جي انهن خاندانن جي ڪيفيت آهي، جيڪي پنهنجا اجها ڇڏيو، هڪ اڻ ڏٺي مستقبل جا راهي ٿيا. پر هاڻ هنن لاءِ ڪو ماسٽر چندر ڪونهي، جيڪو هنن جي ڪيفيت کي پنهنجي ڪلام ۾ بند ڪري ته؛

وطن کان جدا ٿي لڏيندا وڃن ٿا

ير پکي باغ پنهنجو ڇڏيندا وڃن ٿا

هئه هئه پکا پراڻا، هئه هئه وطن جا ٽاڻا

هئه هئه مِٺا اباڻا!!

Leave A Comment