هاءِ ويز تي حادثن جا ڪيس اين ايچ اي چيف ۽ آءِ جي موٽروي خلاف داخل ڪرائڻ جو حڪم

  هاءِ ويز تي حادثن جا ڪيس اين ايچ اي چيف ۽ آءِ جي موٽروي خلاف داخل ڪرائڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽ: عرفان شاهه) سنڌ هاءِ ڪورٽ مک هاءِ ويز تي ٿيندڙ حادثن جا ڪيس اين ايچ اي جي چيئرمين ۽ آءِ جي موٽروي پوليس خلاف داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪالهه سنڌ ۾هاءِ ويز جي خراب صورتحال ۽ ٽريفڪ حادثن خلاف صفيه لاکو پاران داخل درخواست جي ٻڌڻي دوران اين ايڇ اي ۽ موٽروَي پوليس جا عملدار پيش ٿيا،عدالت اين ايڇ اي جي عملدارن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي حادثن جا ڪيس اين ايچ اي چيئرمين ۽ آءِ جي موٽروي پوليس خلاف داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت پڇاڻو ڪيو ته اين ايڇ اي هاءِ ويز جي بهتري لاءِ ڪهڙو ڪم ڪري رهي آهي؟ جنهن تي اين ايڇ اي جي ميمبر  عبداللطيف مهيسر ٻڌايو ته  اين ايڇ اي پاران سنڌ ۾ بحالي جي 11 منصوبن تي ڪم جاري آهي، ٻڌڻي دوران جسٽس نثار ڀنڀرو پڇاڻو ڪيو ته ڇا اوهان کي خبر آهي ته حادثن ۾ ڪيترا ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن؟ ڇا موٽرويز ۽ هاءِ ويز تي ايمرجنسي جون سهولتون موجود آهن؟ جنهن تي اين ايڇ اي جي ميمبر ٻڌايو ته ايم 9 موٽروَي تي نوري آباد وٽ ٽراما ۽ ريسڪيو سينٽر موجود آهي، جسٽس نثار ڀنڀرو چيو ته اين ايڇ اي سڀ کان ناڪارا ادارو آهي, ناڪاره ماڻهن کي آفيسن ۾ ويهاريو ويو آهي، اين ايچ اي جي وڪيل چيو ته حادثا صرف هاءِ ويز نه پر ٻين اهم روڊن تي به ٿين ٿا, لائسنس ۽ گاڏين جي فٽنيس لاءِ صوبائي حڪومت ذميوار آهي، ايڪسل لوڊ بابت سنڌ حڪومت کي ڪيترائي ڀيرا دانهي اهڙين گاڏين کي موٽرويز تي اچڻ کان روڪڻ لاءِ چيو آهي جسٽس نثار ڀنڀرو چيو ته پيسا به ته اوهان ئي وٺي رهيا آهيو، اين ايڇ اي سيفٽي آرڊيننس پڙهو ته ذميواري صوبائي پوليس جي آهي يا موٽروَي پوليس جي؟  عدالت ريمارڪس ڏنا ته هاءِ ويز تي حادثن جا ڪيس اين ايچ اي چيئرمين ۽ آءِ جي موٽر وي پوليس خلاف داخل ڪيا وڃن, عدالت چيو ته موٽروَي پوليس کي چئي ڇڏينداسين ته جتي روڊ خراب هجي، اتي ٽريفڪ روڪي ڇڏين, جيڪڏهن هاءِ ويز تي ٽريفڪ بند ٿي ته انهي جو نقصان اين ايڇ اي کي ڀرڻو پوندو, جسٽس نثار ڀنڀرو چيو ته اسان هاءِ ويز سنڌ حڪومت حوالي ڪري ڇڏينداسين ۽ انهن کان ڪم ڪرائي وٺنداسين,  اين ايڇ اي جي وڪيل چيو ته سنڌ حڪومت ايم نائين موٽروَي لاءِ ڏنل زمين جي منتقلي ختم ڪري ڇڏي آهي، جنهن تي جسٽس سليم جيسر چيو ته جيڪڏهن وفاق ادائگي نه ڪئي ته منتقلي رد ڪئي وئي هوندي،  جسٽس نثار ڀنڀرو پڇيو ته ڇا اوهان سکر کان اسلام آباد سفر ڪيو آهي؟ ڇا ايتري دير ۾ هالا کان سکر پهچي سگهجي ٿو؟  سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو ورتاءُ ڇو ڪيو ويندو آهي؟ هن چيو ته ڪراچي ۾ پل ڪري پئي هئي, انهي جو ڪيس اين ايچ اي چيئرمين خلاف داخل ٿيڻ بعد ڪا به پل ناهي ڪري، اين ايڇ اي جي ميمبر ٻڌايو ته انڊس هاءِ وي مارچ مهيني ۾ مڪمل طور بحال ٿيندو، جنهن تي عدالت چيو ته مارچ تائين حادثن جي ذميواري ڪير هوندو؟ جسٽس سليم جيسر چيو ته اسان ان معاملي تي تفصيلي حڪم نامو جاري ڪنداسين، جنهن بعد عدالت درخواست جي وڌيڪ ٻڌڻي 10 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.