| هاءِ ڪورٽ بار پاران ڪارونجھر ڪيس واپس ڪرائڻ لاءِ اڄ ريلي |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئشن جي صدر سرفراز ميتلو چيو آهي ته ڪارونجهر جي ڪٽائي بابت سنڌ حڪومت پاران داخل اپيل واپس ڪرائڻ لا۽ اڄ سنڌ هاءِ ڪورٽ کان سي ايم هائوس تائين ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويندو، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد بينچ جو فيصلو برقرار رکرائڻ لا۽ وڏي وزير کي چارٽر آف ڊمانڊ پيش ڪئي ويندي ۽ اپيل واپس وٺرائڻ تي زور ڀريو ويندو، سرفراز ميتلو ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت مطالبا نه مڃيا ته اپيل ۾ ڌر ٿينداسين، هن چيو ته ڪارونجهر اسان جو ورثو آهي، ان ورثي جا اسين امين آهيون، ياد رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد بينچ ڪارونجهر کي سنڌ هريٽيج قرار ڏنو هو، سنڌ جي نگران حڪومت پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو هو، جنهن بابت وفاقي آئيني عدالت ۾ اڄ ٻڌڻي مقرر ٿيل آهي.