ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ريفرنس ۾ ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي
آغا سراج دراني جي وڪيل استدعا ڪئي ته ضمانت واري داخل درخواست کي ٻڌو وڃي، تڪڙي ٻڌڻي واري درخواست تي بينچ جي ھڪ جج جسٽس مبين لاکي ٻڌڻي کان انڪار ڪري ڇڏيو
جسٽس مبين لاکو چيو ته داخل درخواست ڪنهن ٻي بئنچ ۾ ٻڌڻ لاءِ اماڻي وڃي، جسٽس ڪي ڪي آغا چيو ته ھڪ جج ٻڌڻي کان انڪار ڪيو آهي تنھنڪري درخواست تي ٻڌڻي نه ٿي ڪري سگهجي
وڪيل چيو ته آغا سراج دراني هڪ سال 8 مهينا جيل ۾ گذاري چڪو آھي، جوابدار ايترو ڊگهو عرصو جيل ۾ گذارڻ بعد ضمانت جو حقدار آهي، هو آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جي الزام ۾ جيل ۾ آهي
سنڌ جي گهرو کاتي آغا سراج دراني جي گهر کي سب جيل قرار ڏئي ڇڏيو آهي، سپريم ڪورٽ ۽ احتساب عدالت آغا سراج دراني جي ضمانت پڻ رد ڪري ڇڏي هئي