هاءِ ڪورٽ جي 5 ججز جي انٽرا ڪورٽ اپيل آئيني عدالت ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر: 4 ججن پاران چئلينج

 هاءِ ڪورٽ جي 5 ججز جي انٽرا ڪورٽ اپيل آئيني عدالت ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر: 4 ججن پاران چئلينج

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 5ججز جي انٽرا ڪورٽ اپيل وفاقي آئيني عدالت ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي، وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 6رڪني لارجر بئنچ 24 نومبر تي ساڍي 11هين وڳي انٽرا ڪورٽ اپيل تي ٻڌڻي هلائيندي، بئنچ ۾ جسٽس حسن رضوي، جسٽس باقر نجفي، جسٽس ڪي ڪي آغا، جسٽس روزي خان ۽ جسٽس ارشد حسين شاهه شامل، سپريم ڪورٽ جي 5رڪني لارجر بينچ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ججز جي مقررين کي درست قرار ڏنو هو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 5 ججز فيصلي خلاف وفاقي آئيني عدالت ۾ انٽرا ڪورٽ اپيل داخل ڪئي هئي. ٻئي طرف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چئن ججن انٽرا ڪورٽ اپيل جي وفاقي آئيني عدالت ۾ ٻڌڻي کي چيلينج ڪري ڇڏيو. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اپيل کي 27هين آئيني ترميم جي ڪري آئيني عدالت ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي۔ 27هين آئيني ترميم آئين جي خلاف آهي. مقننه ايگزيڪيوٽو ۽ عدليه 1973ع جي آئين تحت قائم ڪئي وئي، آئين ۾ اختيارن جي ورهاست ۽ حدون واضح آهن۔ آئين ۾ ترميم جو اختيار عدليه کي ختم ڪرڻ لاءِ استعمال نٿو ٿي سگهي. سپريم ڪورٽ جا فيصلا اختيارن جي ورهاست تي بلڪل واضح آهن۔ انٽرا ڪورٽ اپيل کي واپس سپريم ڪورٽ موڪلي ڇڏيو.