| هاءِ ڪورٽ پاران سوشل ميڊيا مواد جي ڪاپي رائيٽ بابت پٽيشن رد |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سوشل ميڊيا مواد جي ملڪيت ( ڪاپي رائيٽ) بابت داخل دخواست رد ڪري ڇڏي، عدالت چيو ته سوشل ميڊيا مواد جي تحفظ لاءِ انٽيليڪچوئل پراپرٽي ضابطا موجود آهن، مواد جي ڪاپي رائيٽ ايڪٽ 1962 تحت رجسٽريشن ضروري آهي، دخواستگذار جو سوشل ميڊيا مواد ڪاپي رائيٽ لاءِ رجسٽرڊ ناهي, اهڙي نوعيت جي قانون جي ڊڪلريشن نٿي ڏئي سگهجي، انٽيليڪچوئل پراپرٽي تڪرار آءِ پي او پاڪستان ايڪٽ 2012 تحت قائم ٽربيونل ۾ ٻڌا ويندا آهن، انهي معاملي ۾ آئيني دائري اختيار استعمال نٿو ڪري سگهجي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته پٽيشنر سي ايس ايس جي تياري واري اڪيڊمي هلائيندو آهي، اڪيڊمي جي نالي تي سوشل ميڊيا پيجن تي مواد به شيئر ڪندو آهي، سندس نالو، تصوير، وڊيو، آواز ۽ سوشل ميڊيا جو مواد ذاتي ملڪيت آهي، هن استدعا ڪندي چيو ته سوشل ميڊيا مواد جي غلط استعمال تي پابندي لاڳو ڪئي وڃي.