| هاءِ ڪورٽ پاران محرابپور اسپتال کي فعال بڻائڻ جو حڪم |
سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ محرابپور ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ صحت جون بنيادي سهولتون نه هجڻ متعلق داخل درخواست تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ جي جسٽس ذوالفقار علي سانگي ۽ جسٽس ارباب هڪڙو تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ڪيس جو فيصلو ٻڌايو، وڪيل مطابق عدالت حڪم ڏنو آهي ته محرابپور جي اسپتال ۾ غير فعال ٽراما سينٽر 15 ڏينهن اندر فعال ڪيو وڃي. محرابپور ٽراما سينٽر ۾ مشينري، دوائن جي کوٽ کي 6 مهينن اندر مڪمل ڪيو وڃي. محرابپور رورل هيلٿ سينٽر جي بلڊنگ ۽ اداري کي آپ گريڊ ڪري تعلقه اسپتال جو درجو ڏنو وڃي. محرابپور جي رهواسي خليق الرحمان پاران رول هيلٿ يونٽ ۾ بنيادي سهولتون نه هجڻ خلاف داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته 20 ورهين کان محرابپور کي تعلقه هيڊڪوارٽر جو درجو ڏنل آهي. ان باوجود اڍائي لک جي آبادي لاءِ رولر هيلٿ يونٽ آهي.آر ايس يو ۾ دوائن سميت بنيادي سهولتن جي کوٽ آهي.