هاءِ گرمي: گرم ڏينهن ريل پٽڙي تان لاهي ڇڏي

مَي 31, 2023

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) مڪي شاهه ڦاٽڪ وٽ اپ ٽريڪ تان گذرندڙ شاهه لطيف ايڪسپريس جو هڪ ڦيٿو پٽڙي تان لهي ويو.

اطلاع تي پوليس سان گڏ ريلوي عملدار پهتا جن پٽڙي جي ٽٽل ٽڪڙي جي مرمتي ڪم جي نگراني ڪري اڌ ڪلاڪ ۾ ٽريڪ بحال ڪري متاثر ريل گاڏي کي منزل طرف روانو ڪيو.

عملدارن جو چوڻ آهي ته شروعاتي طور کين اهو لڳي رهيو آهي ته سخت گرمي سبب ٽريڪ جو ٽڪڙو ٽٽو آهي پر تنهن باوجود هو معاملي جي هر رخ کان جاچ پيا ڪن.

لاڳاپيل پوسٽون

  • هندو ڀينرن ۽ نينگر جي بازيابي لاءِ ڪٺ

  • ناري سنديا باگڙي اغوا: وارثن جون دانهون، ماتم

  • 3 نوجوان اغوا، 70 لک رپيا ڀنگ طلب

  • ڪلثوم مستوئي جي قاتل جو اعتراف