| هارائڻ جي عادت 5 سال اڳ ڇڏي چڪا آهيون، هاڻ قلندرز فتح کي عادت بڻائي ورتو آهي: حارث رؤف |
ڪراچي: پاڪستان سپر ليگ جي ٽيم لاهور قلندرز جي فاسٽ بولر حارث رؤف جو چوڻ آهي ته اسان هارائڻ جي عادت 5 سال اڳ ڇڏي چڪا آهيون، هاڻ 3 ڀيرا ٽرافي کٽي فتح کي عادت بڻائي ورتو آهي. ڇنڇر تي راولپنڊيز خلاف ڪاميابي کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي حارث رؤف چيو ته: “راولپنڊيز خلاف ميچ ۾ بيٽرز وڏو اسڪور ڪيو ته اسان لاءِ ان کي ڊيفينڊ ڪرڻ آسان ٿيو، وڪيٽ آسان نه هئي، اسان جي بيٽرز کي ڪريڊٽ وڃي ٿو.” حارث رؤف وڌيڪ چيو ته جڏهن پرفارمنس ناهي ٿيندي ته غلطين تي ڪم ڪيو ويندو آهي، جيڪي غلطيون گذريل 3 ميچن ۾ ٿيون اهي ختم ڪيون ويون. هن چيو ته توهان پاڻ پيس (رفتار) جي ڳالهه ڪندا آهيو ۽ جڏهن تيز بولنگ ٿئي ته چيو ويندو آهي ته ورائٽي ناهي. هن چيو ته مان پنهنجي غلطين مان سکڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، انسان کي پاڻ ئي پاڻ کي بهتر ڪرڻو پوندو آهي، ٽي 20 ۾ توهان وڪيٽ کڻندا ته ئي رنز رڪجنديون. هن اميد ظاهر ڪئي ته الله ڪري باقي ٽيئي ميچون کٽيون ته اسان لاءِ آساني ٿيندي، اسان هاڻي اهڙي پوزيشن ۾ آهيون جو ڪا به ميچ نٿا هارائي سگهون.