هارايل ۽ مايوس، مودي جو جنگبندي بعد پهريون خطاب
مَي 13, 2025
نئين دهلي(م ڊ) ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي چيو آهي ته دهشتگردي ۽ ڳالهيون گڏ نه هلنديون، پاڻي ۽ رت گڏ نٿا وهي سگهن، جنگبندي کانپوءِ قوم کي خطاب ڪندي هن چيو ته انڊيا تي دهشتگردن جو حملو ٿيو ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين، اسين پنهنجي طريقي سان پنهنجي شرطن تي جواب ڏئي رهنداسين. هر ان هنڌ تي وڃي ڪارروائي ڪبي جتي دهشتگردي جون جڙون نڪرن ٿيون. مودي جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪا به ايٽمي بليڪ ميلنگ برداشت نه ڪنداسين، اسين دهشتگردي جي سرپرست سرڪار ۽ آقائن کي الڳ نه ڏسنداسين. پاڪستان کي اگر بچڻو آهي ته ان کي پنهنجي دهشتگردي جي انفراسٽرڪچر جو صفايو ڪرڻو ئي پوندو. ان کانسواءِ امن جو ڪو رستو ناهي. جيڪڏهن پاڪستان سان ڳالهيون ٿيون ته دهشتگردي تي ئي ٿينديون جيڪڏهن پاڪستان سان ڳالهه ٿي ته پاڪستان جي قبضي هيٺ ڪشمير تي ٿيندي. ڀارتي وزيراعظم جي قوم کي خطاب دوران ڪيل تقرير هارايل شخص جي جهڙي لڳي رهي هئي.