| هارمر جي شاندار بالنگ، ڊيل اسٽين جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو |
گوهاٽي: ڏکڻ آفريڪي آف اسپنر سائمن هارمر فاسٽ بالر ڊيل اسٽين جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. تفصيل موجب گوهاٽي ٽيسٽ جي آخري اننگ ۾ هندستاني بيٽنگ لائن اپ کي تباهه ڪندڙ سائمن هارمر، هندستان ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ ڏکڻ آفريڪي بالر بڻجي ويو. هن ٻي اننگز ۾ 6 وڪيٽون ۽ ٻن ميچن جي سيريز ۾ ڪل 17 وڪيٽون ورتيون، جنهن کان پوءِ هندستان ۾ سندس وڪيٽن جو تعداد 27 ٿي ويو آهي. ان کان اڳ ڊيل اسٽين 26 وڪيٽن سان هندستان ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ ڏکڻ آفريڪي بالر هو.