هارين کي دير سان ادائيگي تي شگر ملز جو گهيرو تنگ: بقايائون روڪيندڙن لاءِ سخت مالي سزا جو فيصلو

هارين کي دير سان ادائيگي تي شگر ملز جو گهيرو تنگ: بقايائون روڪيندڙن لاءِ سخت مالي سزا جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) هارين کي دير سان ادائيگي تي شوگر ملز خلاف گهيرو تنگ ڪرڻ جي تياري. هارين جي بقايجات روڪيندڙ شوگر ملن لاءِ سخت مالي سزا ڏيڻ جو فيصلو، ڪمند جي ادائيگي ۾ دير تي شوگر ملز کي وياج ادا ڪرڻ جي تجويز به ڏني وئي. شوگر سيڪٽر جي ڊي ريگيوليشن بابت حتمي رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪئي وئي. دستاوين جي صورت ۾ پيشل ڪيل تجويزن ۾ چيو ويو آهي ته مقرر وقت تائين ادائيگي نه ٿيڻ تي شوگر ملز تي مارڪ اپ ادا ڪرڻ لازمي قرار ڏنو وڃي. پاليسي ۾ تبديلي ڪندي ادائيگي ۾ دير تي خودڪار وياج لاڳو ڪيو وڃي، جيتري وڌيڪ دير ٿيندي، ان حساب سان وياج ۾ به واڌ ڪئي وڃي.