| هاري اڳواڻ شهيد فاضل راهو جي ورسي جون تقريبون جاري |
ڪڙيوگهنور (ن پ ا) ڪڙيوگهنور هاري اڳواڻ شھيد عوام محمد فاضل راھو جي 39 ورسي جون تقريبون لڳ سندس اباڻي ڳوٺ راھوڪي ۾ جاري آهي، ڪالهه ٻئي ڏينھن تي سنڌ جي ثقافت ملاکڙو ٿي گذريو، جنھن ۾ سنڌ جي ناليوارن ملھ پھلوانن حصو ورتو. ملھ پلھوانن ۾ مراد پنھور، رجب راھمون، ٽيڊي شيدي، غلام مصطفيٰ موسيپوٽو، شاھنواز شيدي، سميت ٻين مقابلا کٽي ھزارين روپيا انعام حاصل ڪيو. تقريب جي ٻئي ڏيھن تي شھيد فاضل جي مزار تي گل نڇاور ڪري دعا پڻ گھري وئي، ورسي تقريب ۾ ٻارن لاءِ جھولا، ٿيٽر، موت جو کوھ، سرڪس سان گڏ مٺائي ۽ رانديڪن جا دوڪان پڻ لڳايا ويا. اڄ هڪ عظيم عاليشان جلسو ڪيو يندو، جنهن ۾ ملڪ جا ناليوارا سياستدان قوم پرست اڳواڻ ۽ پيپلزپارٽي جي مرڪزي قيادت جا اڳواڻ خطاب ڪندا جڏهن ته جلسي عام لاء 100 فوٽ ڊگهو ۽ 40 فوٽ ويڪرو اسٽيج تيار ڪيو ويو ، جلسي گاھ ۾ هزارين ماڻهن جي ويهڻ جو بندوبست ڪيو ويو آهي.