| هارڊ بال ٽورنامينٽ: ذڪريا ڪلب جون 25 اوورن ۾ رڪارڊ 325 رنسون، ڪوارٽر فائنل کٽي ورتو |
عمرڪوٽ(رپورٽر) 25 ھون آل پاڪستان شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ھارڊ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو پھريون ڪوارٽر فائنل ميچ ماروي گرائونڊ عمرڪوٽ ۾ کيڏيو ويو محبوب زمان ڪرڪيٽ ڪلب ھالا پھرين ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو مقرر 25 اوورن ۾ ذڪريا ڪرڪيٽ ڪلب عمرڪوٽ 325 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو جنھن ۾ سھيل خان 106 اعجاز شاھ 64 ۽ شاھ رضا 61 رنسون ٺاهي نمايان رھيا، جڏھن تہ محبوب زمان ڪرڪيٽ ڪلب ھالا جي بالر ماجد اصغر ۽ باسط علي 2-2 وڪيٽون ورتيون، 325 هدف جو پيڇو ڪندي 19 اوورن ۾ 175 رنسون ٺاھي آل آئوٽ ٿي وئي شعيب راڄڙ 34 ۽ علي ميمڻ 30 رنسون ٺاهيون، ذڪريا ڪرڪيٽ ڪلب عمرڪوٽ جي بالر عاطف مقبول 3 ۽ نجيب خان ۽ شاهزيب 2-2 وڪيٽون ورتيون، جڏھن تہ مين آف دي مئچ سھيل خان کي ڏنو ويو