ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌهاءِڪورٽ سڄي سنڌ ۾ استادن جون ڀرتيون روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته هي هارڊ ايريا ۽ سافٽ ايريا ڇا ھوندو آھي؟
آءِ بي اي ٽيسٽ پاس استادن کي ھارڊ ايريا ۽ سافٽ ايريا جو جواز ڄاڻائي نظرانداز ڪرڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست تي ٻڌڻي ٿي
سنڌهاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي، تعليم وارو سيڪريٽري غلام اڪبر لغاري، ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر پيش ٿيا
عدالت سڄي سنڌ ۾ استادن جي وڌيڪ ڀرتين تي ڪارروائي روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ احمد علي شيخ هدايت ڪئي ته ڪنهن به اميدوار کي جوائننگ آرڊر جاري نه ڪيو وڃي
چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته هي هارڊ ايريا ۽ سافٽ ايريا ڇا ھوندو آھي؟
سيڪريٽري تعليم ٻڌايو ته اسان ٿاڻي بولا خان، ڪاڇي سميت ٻين علائقن ۾ آرڊرز ڏنا آھن
عدالت پڇاڻو ڪيو ته ٿاڻو بولا خان ڄامشورو ضلعي ۾ آهي جتي 3وڏيون يونيورسٽيون آهن، ان کي هارڊ ايريا ڪيئن قرار ڏئي ڇڏيو؟
چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته هيءُ سمورو ڊرامو توهان جي سياسي مفادن لاءِ آهي، ھاڻي ڪنهن کي به آرڊر جاري نه ٿيڻ گهرجن
عدالت سڄي سنڌ ۾ استادن جون ڀرتيون روڪڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي آگسٽ جي ٽئين ھفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي