هالا اسپورٽس ڪامپليڪس وقت جي اهم ضرورت آهي: مخدوم سعيد الزمان

هالا اسپورٽس ڪامپليڪس وقت جي اهم ضرورت آهي: مخدوم سعيد الزمان

ڄامشورو (رپورٽر) سروري تنظيم جي باني چيئرمين، سروري سرھاڻ ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سروري سرھاڻ تنظيم، هالا نوان ۽ هالا پراڻا جي وچ ۾ واقع اسپورٽس ڪمپليڪس جي تڪڙي تڪميل لاءِ سول سوسائٽي ۽ يونائيٽڊ ميمڻ جماعت پاران ٿيندڙ پريس ڪانفرنس جي مڪمل، اصولي ۽ بي لوث حمايت ڪري ٿي۔ پاڻ وڌيڪ چيائون ته هي اسپورٽس ڪمپليڪس هالا شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن لاءِ انتهائي اهم عوامي منصوبو آهي، جيڪو بدقسمتي سان ڪيترن ئي سالن کان اڌورو پيل ۽ لاوارثي جو شڪار آهي، جنهن سبب نوجوان نسل راندين ۽ ٻين صحتمند، مثبت سرگرمين کان محروم رهجي ويو آهي۔مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“چيو ته جيڪڏهن هن اسپورٽس ڪمپليڪس کي بنا دير مڪمل ڪيو وڃي ته هالا ۽ آسپاس جي نوجوانن کي راندين، جسماني تندرستي ۽ تعميري مشغولين جا وسيع موقعا ميسر ٿيندا، جنهن سان نه رڳو راندين کي ھٿي ڏيڻ ۾ مدد ملندي، پر نوجوان سماجي براين کان به محفوظ رهي سگهندا۔ مخدوم صاحب وڌيڪ چيو  ته نوجوان نسل کي صحيح، مثبت ۽ تعميري رخ ڏانهن آڻڻ لاءِ اهڙن عوامي منصوبن جي تڪميل وقت جي اهم ضرورت آهي، ڇو ته راندين جون سرگرميون ذهني ۽ جسماني صحت کي بهتر بڻائڻ سان گڏ سماج ۾ نظم، ضبط ۽ شعور کي پڻ هٿي ڏين ٿيون۔ سروري سرھاڻ، هالا سماجي تنظيم زور ڀريو مطالبو ڪيو ته لاڳاپيل اختيارين، ضلعي انتظاميا ۽ سنڌ سرڪار هن اهم عوامي منصوبي جي فوري تڪميل لاءِ سنجيده ۽ عملي قدم کڻن، جيئن هالا شهر ۾ راندين جي سرگرمين کي هٿي ملي، نوجوانن کي بهتر مستقبل جا موقعا ملي سگهن ۽ علائقي جي مجموعي ترقي ممڪن بڻجي سگهي۔