هالا سب جيل ۾ به ايڪتا ڏڻ ملهائڻ جون تياريون
نومبر 24, 2024
ھالا (رپورٽ: اڪرم کوکر) پوري ملڪ جيان ھالا سب جيل ۾ به پھرين ڊسمبر تي ٽائيم نيوز ۽ روزاني پنھنجي اخبار جي سڏ تي علي قاضي پاران اعلانيل عنوان،،انتھا پسندئ کان آجي سنڌ،،جي سري ھيٺ ايڪتا عيد ڏھاڙو ڀرپور نموني سان ملھائڻ جون تياريون ڪيون ويون آھن، ان موقعي سب جيل ھالا ۾ قيدين ٽائيم نيوز سان ڳالھائيندي چيو ته جيل انتظاميا پاران اسان جي لاء ٽوپيون، اجرڪون، قومي گيتن تي جھمريون ھڻڻ لاء ايڪو سائونڊ سميت جائز سھولتن جا پڻ انتظام ڪيا ويا آھن،ھنن چيو ته سنڌ ھزارين سال پراڻي آھي جنھن ۾ شاھ عبدالطيف سرور نوح ۽ لال شھباز جھڙيون اولياء ڪرام جون هستيون موجود آھن،ھر سال جيان ھن سال به ايڪتا عيد ڏھاڙو سب جيل ھالا ۾ ڀرپور نموني سان ملھائي سنڌ ڌرتي کي ڀيٽا پيش ڪنداسين،قيدين پاران ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار جي سرواڻ علي قاضي پاران اعلانيل عنوان کي ساراھيندي،، انتھا پسندئ کان آجي سنڌ،، جي عوان ھيٺ سب جيل ھالا ۾ عيد جيان ايڪتا ڏھاڙو ملھائڻ جو وچن ڪري ڇڏيو آھي، ھالا سب جيل انتظاميا پاران ٻڌايو ويو ته قيدين کي ايڪتا ڏھاڙو ڀرپور نموني سان ملھائڻ جو پورو پورو حق آھي جيل انتظاميا پاران قيدين کي ٽوپي اجرڪن سميت ٻيون جائز سھولتون پڻ ڏنيون وينديون.