هالا مان اغوا ڄاڻايل نينگري ڪراچي مان بازياب
جُون 26, 2025
هالا ( پنهنجي ڊيسڪ ) هالا پوليس پاران اغوا ڄاڻايل نينگري کي ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي مان بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، هالا پوليس 15ورهين جي ارادت بتول کي ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي مان بازياب ڪرائي ورتو پوليس جي رپورٽ موجب ڪارروائي دوران جوابدار فرار ٿي ويا، واِضح رهي ته نينگري جي والد ڊاڪٽر اعجاز گل ميمڻ ، جوابدار ذوالفقار سيال، مظهر چانڊيو سميت 4جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو هو.