هالا مان نينگري اغوا، ڪيس داخل

جُون 24, 2025

هالا (ن پنهنجي ڊيسڪ ) هالا جي طالب المولا ڪالوني مان نينگري مبينا طور اغوا، نينگري جي والد ڊاڪٽر اعجاز ميمڻ جي فرياد تي ذوالفقار سيال، مظهر چانڊيو ۽ ٻن اڻسڃاتل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، فريادي  ڊاڪٽر اعجاز ميمڻ ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو ته گذريل رات هٿياربند گهر ۾ گهڙي 15ورهين جي ڌيءَ ارادت بتول عرف عشب ميمڻ کي اغوا ڪري ويا، ڊاڪٽر اعجاز ميمڻ چيو ته هٿياربند گهرڀاتين کي يرغمال بڻائي 3 موبائيل فونون به ڦري ويا، نياڻي کي بازياب ڪرايو وڃي، ٻئي طرف پوليس جو چوڻ آهي ته اغوا ڄاڻايل نينگري ارادت بتول ميمڻ مظهر چانڊيو جي ڀيڻ سان حيدرآباد ۾ گڏ پڙهندي هئي، وڌيڪ جاچ جاري آهي

لاڳاپيل پوسٽون

  • مٺياڻي ۾ پسند پرڻي تان هڪ قتل، 2 ڄڻا زخمي

  • ٿر ۾ روهيڙي جي واڍي جاري

  • جهڏو: نينگر سان بدفعلي، گهرو وزير نوٽيس ورتو

  • ناري سان وڏي عرصي تائين اجتماعي لڄالٽ