هالا ويجهو شادي لاءِ نڪتل ناري واپس گهرائي گهر اندر ڪهاڙيون هڻي قتل

هالا ويجهو شادي لاءِ نڪتل ناري واپس گهرائي گهر اندر ڪهاڙيون هڻي قتل

ھالا(رپورٽ: اڪرم کوکر) ھالا ڀرسان سڱاوتي تڪرار تان جوابدارن ڪھاڙين جا وار ڪري ناري کي قتل ڪري ڇڏيو، ھالا ٿاڻي جي حد ڳوٺ نبي بخش چانڊيو ۾ سڱاورتي تڪرار تان 18 ورھين جي ناري سميرا ڌيءُ منظور چانڊيو کي چئن جوابدارن گھر ۾ گِھڙي مبينا ڪھاڙيون ھڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا، جنھن بعد ناري جي مامي جان محمد چانڊيو ھالا ٿاڻي تي پھچي رپورٽ داخل ڪرائيندي چيو ته جوابدار واحد بخش، حضور بخش، شالو ۽ راشد چانڊيو گھر ۾ گھڙي ڪھاڙين جا وار ڪري منھنجي ڀاڻيجي کي بيرحمي سان قتل ڪيو، جوابدار ساڳئي برادري جا آهن، سڱاوتي تڪرار هلندڙ هو، هن چيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي، هالا پوليس موجب ناري کي مٿي ۾ ڪھاڙين جا ڌڪ لڳل آھن، جوابدارن جي ڳولا جاري آھي،هوڏانهن ضروري قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ بعد ناري جو مڙھه وارثن حوالي ڪيو ويو. علائقي ۾ چوٻول ھلندڙ آھن ته ناري ڪجهھ ڏينھن اڳ گھران نڪري وئي ھئي، راڄوڻي لاءِ گهرائي کيس قتل ڪيو ويو، جڏھن ته ناري جي گھران نڪرڻ جي ھالا پوليس پڻ تصديق ڪئي آھي.