هالا ويجهو ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائنل الغوثيا کٽي ورتو

هالا ويجهو ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائنل الغوثيا کٽي ورتو

هالا (ن پ ا) ھالا ڀرسان ڳوٺ پوٽو ڳاھوٺي ۾ ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ عبدالفتاح ڳاھوٺي پاران ڊاڪٽر محمد نواز ڳاھوٺي جي ياد ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ڪرايو ويو،جنھن ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن جي ٽيمن پڻ حصو ورتو، فائنل ۾ ميراپور ھيروز ٽيم ۽ الغوثيا معروف ڀنڀرو ۽ پاڻ ۾ زور آزمائي ڪئي، ميراپور ھيروز ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪئي، جنھن ۾ 10 اوورن ۾ ميراپور ھيروز 120 رنسون ٺاھيون، الغوثيا معروف ڀنڀرو 8 اوور جي 2 بالن ۾ 121 جو ٽارگيٽ پورو ڪري فائنل کٽي ورتو ۽ وڏي جوش و خروش سان خوشي جو اظھار ڪيو،  ڏسندڙن وٽان خوب انعام حاصل ڪيو، انعام ۾ ونر ٽيم کي 20 ھزار رپيا روڪ رقم ۽ ٽرافي ۽ رنر ٽيم کي 10 ھزار رپيا روڪ رقم ۽ ٽرافي ڏني وئي،