هالا پوليس کي چالان پيش نه ڪرڻ تي ڇنڊ

جُون 30, 2025

ھالا(پنهنجي ڊيسڪ) ھالا ڀرسان ڳوٺ خدآباد ۾ 11 مھينا اڳ ويڳي مامي ھٿان قتل ٿيل 9 ورھين جي نينگري عذرا ڌيءَ ايوب چانڊيو جي ڪيس جو 11 مھينا گزرڻ باوجود ھالا جي عدالت ۾ ڪيس چالان ۽ ڊي اين اي رپورٽ جمع نه ٿي سگھي آهي، عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي ڪيس جي جاچ آفيسر کي عدالت طلب ڪري ورتو آهي، ٻڌڻي دوران ڪيس جي فريادڻ ۽ قتل ٿيل نينگري جي امڙ مسمات زيبو چانڊيو ۽ شاھدن سميت فريادي ڌر جو وڪيل ايڊووڪيٽ محمد وارث کيبر ھالا جي عدالت ۾ پڻ پيش ٿيا،

پوليس پاران ڪيس چالان ۽ ڊي اين اي رپورٽ جمع ڪرائڻ لاءِ عدالت کان 14 ڏينھن جي مھلت گھري ته فريادي ڌر جي وڪيل محمد وارث کيبر سول جج کي ٻڌايو ته ڪيس کي 11 مھينا گذري ويا آھن، اڃا تائين پوليس ڪيس جو چالان ۽ ڊي اين اي رپورٽ جمع ناھي ڪرائي، جنھن تي جاچ آفيسر جي جاءِ تي پيش ٿيندڙ منشي کي جوڊيشل مئجسٽريٽ سول جج ھالا ڇنڊ پٽيندي چيو ته ڪيس جو جاچ آفيسر عبدالجبار راجپوت ڇو ناھي آيو، ايندڙ ٻڌڻي 11 جولائي تي کيس پاڻ عدالت ۾ پيش ٿي ڪيس چالان ۽ ڊي اين اي رپورٽ جمع ڪرائي،

فريادڻ زيبو چانڊيو چيو ته ڪورٽن جا چڪر ڪاٽيندي ڪاٽيندي 11 مھينا گذري ويا آھن، عدالت مان پُر اميد آھيان ته جوابدار کي سزا ملندي، پوءِ سک جو ساهه کڻنديس، ياد رهي ته  ويڳي مامي ميانداد چانڊيو ۽ عائشه ملاح پاران 11 مھينا اڳ 9 ورھين جي نينگري جا ڪن ڪپي سونيون واليون لاھي گھٽا ڏئي قتل ڪرڻ بعد جوئر جي فصل ۾ لاش اڇلائي ڇڏيو ھو،

ڪيس جي شروع وارين ٻڌڻين دوران جوابدار ٽائيم نيوز سان ڳالھائيندي ڏوهه جو اعتراف پڻ ڪيو ھو، جوابدار ميانداد چانڊيو ھن وقت حيدرآباد جي سينٽرل جيل ۾ قيد آھي جڏھن ته جوابدار عائشه ملاح ضمانت تي آزاد آھي، رابطو ڪرڻ تي جاچ آفيسر ٻڌايو ته سرڪاري وڪيل وٽ ڪيس جمع آھي، ڪيس جي راءِ ٿيڻ بعد ڪيس جو چالان ۽ ڊي اين اي رپورٽ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ويندو

لاڳاپيل پوسٽون

  • مٺياڻي ۾ پسند پرڻي تان هڪ قتل، 2 ڄڻا زخمي

  • ٿر ۾ روهيڙي جي واڍي جاري

  • جهڏو: نينگر سان بدفعلي، گهرو وزير نوٽيس ورتو

  • ناري سان وڏي عرصي تائين اجتماعي لڄالٽ