| هالا ڀرسان ڪوهيڙو، ڪار موٽرسائيڪل مٿان چڙهي وئي، نوجوان فوت |
هالا(ن پ ا) ھالا ڀرسان سانڌاڻ قومي شاھراھ تي ڪوھيڙي سبب تيز رفتار ڪار ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري موٽرسائيڪل مٿان چڙھي وئي جنھن ۾ موٽرسائيڪل سوار 35 ورھين جو نوجوان ھالا واسي نويد پٽ دين محمد جوڻيجو فوت ٿي ويو،اطلاع تي ھالا پوليس پھچي ڊرائيور کي ڪار سميت تحويل ۾ وٺي ڇڏيو ۽ نوجوان جو لاش تعلقا اسپتال ھالا آندو ويو،جتي فوتي نوجوان جا وارث وڏي انگ ۾ پھچي ويا،ھالا پوليس موجب مورو کان ڪراچي طرف ويندڙ تيز رفتار ڪار جو ڪوھيڙي سبب ڪار ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪرڻ سبب موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳو آھي،جنھن جي نتيجي ۾ 35 ورھين جو نوجوان نويد پٽ دين محمد جوڻيجو فوت ٿيو آھي،ڊرائيور سميت ڪار کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي وڌيڪ جانچ ڪئي پئي وڃي بعد ۾ ضروري قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ بعد فوتي جو مڙھ وارث حوالي ڪيو ويو.