هالا ۾ عوامي اتحاد مٽياري پاران بدامني خلاف مظاهرو

هالا ۾ عوامي اتحاد مٽياري پاران بدامني خلاف مظاهرو

هالا (ن پ ا) ھالا سميت ضلعي مٽياري ۾ وڌندڙ بدامني خلاف عوامي اتحاد ضلعي مٽياري جي سڏ تي ضلعي جي مختلف تنظيمن جي اڳواڻي ۾ درگاھ مين روڊ ھالا کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، اڳواڻن نصير احمد ميمڻ،سروري سرھاڻ اڳواڻ مخدوم حسيب الزمان،جسقم اڳواڻ عبدالرشيد ڏيٿو،جماعت اسلامي اڳواڻ فقير محمد لاکو، ھندو پئچات جي اڳواڻ ڪي ڪي نارائڻ سميت ٻين اڳواڻن جو چوڻ ھو ته ھالا شھر سميت ضلعي مٽياري ۾ بدامني عروج تي آھي،چوريون ڦرون، ڌاڙا روز جو معمول بڻيل آھن پر پوليس انتظاميا خاموش تماشائي بڻيل آھي،ھنن چيو ته ھالا جي مين درگاھ روڊ تي واقعي موبائيل شاپ تان ڏينھن ڏٺي نامعلوم چور دوڪان جا تالا ٽوڙي سوا ڪروڙ روپين جا موبائيل فون ۽ ٻيو سامان کڻي فرار ٿي ويا پر ھِن محل تائين واقعي ۾ ڪابه اڳڀرائي ناھي سامھون ناھي آئي، هنن  الزام هنيو ته ھالا پوليس انتظاميا ڏوھارين کي گرفتار ڪرڻ بجاء ھنن سان ٻُٽ بڻيل آھي جوابدارن خلاف ڪابه ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي،ھنن آء جي سنڌ ڊي آء جي حيدرآباد سميت ضلعي مٽياري پوليس انتظاميا کان مطالبو ڪندي چيو آھي ته ھالا سميت ضلعي مٽياري ۾ وڌندڙ بدامني تي فوري طور ضابطو آندو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو،ريلي ۾ سياسي سماجي مذھبي ۽ ھندو پئچات جي اڳواڻن سميت واپارين توڙي شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،