هالا ۾ نشي وارين گورين جو سرعام وڪرو، کائيندڙ نوجوان فوت، ڀاءُ بيهوش

جُولاءِ 16, 2023

ھالا (ن پ ا) ھالا جي بروھي پاڙي ۾ نشي آور گوريون کائڻ سبب 25 ورھين جو وسيم ولد غلام علي بلوچ فوت ٿي ويو ۽ سندس ڀاءُ شمن بلوچ بيھوش ٿي ويو

 ٻنھي کي وارثن تعلقا اسپتال ھالا آندو، جتان شمن بلوچ کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال حيدر آباد ريفر ڪيو ويو

نوجوان جو مڙهه ضروري ڪارروائي بعد وارثن جي حوالي ڪيو ويو.  ان موقعي تي جنيد بلوچ ٻڌايو ته ڀاءُ  وسيم بلوچ ۽ شمن نشي جا عادي هئا

 ميڊيڪل اسٽور تان نشي آور گوريون وٺي کائڻ سبب نوجوان فوت ٿيو آھي. ميڊيڪل اسٽور وارن کي روڪيو ھو ته اسان جي ڀائرن کي نشي آور گوريون ڏيڻ بند ڪيو

پر اسان جي ڳالھه تي عمل نه ڪيو ويو، سرعام ھالا جي ميڊيڪل اسٽورن تي نشي آور زھريليون گوريون وڪامجي رھيون آھن

ٻئي پاسي ڊاڪٽرن ٻڌايو ته نوجوان وسيم بلوچ نشي آور گوريون کاڌيون، جنھن سبب فوت ٿيو آھي ۽ ھڪ ڄڻو بيھوش آھي.

Leave A Comment