هالا ۾ نينگري ٻورٽي ۾ بند ڪري اغوا جي ڪوشش، علائقي واسين بچائي ورتو،عورت گرفتار

هالا ۾ نينگري ٻورٽي ۾ بند ڪري اغوا جي ڪوشش، علائقي واسين بچائي ورتو،عورت گرفتار

ھالا (رپورٽ: اڪرم کوکر) ھالا جي ريلوي اسٽيشن ڪالوني مان 5 ورھين جي معصوم نينگري کي ڪچري جي ڪَٽي ۾ وجھي مبينا طور اغوا جي ڪوشش  ڪئي وئي. علائقي واسين اغوا جي ڪوشش ڪندڙ ناريءَ کي پڪڙي ھالا پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. 5 ورھين جي معصوم نينگري نسيم رباب ولد شاھ جان مري بلوچ کي مبينا اغوا ڪندڙ نوجوان ناري پنجاب جي رھواسڻ سخاوت پنجابي کوکر کي پوليس پنھنجي تحويل نامعلوم ھنڌ منتقل ڪري جانچ شروع ڪري ڇڏي آھي،اغوا ٿيندڙ  معصوم نينگري جي وارثن ٻڌايو ته معصوم نينگري گھر کان ٻاھر راند پئي کيڏي ته اوچتو رڙين جو آواز آيو، جڏھن گھر کان ٻاھر آيس ته ھڪ نوجوان ناري منھنجي ڌئ کي ڪِچري جي ڪَٽي ۾ وجھي اغوا ڪري فرار پئي ٿئي ته علائقي واسين جي مدد سان اغوا ڪندڙ ناري کي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو آھي،نينگري جي وارثن مطالبو ڪيو آھي ته فوري طور اغوا ڪندڙ ناري کان جانچ ڪري سندس سان گڏ ٻين به ساٿين کي گرفتار ڪري مٿس ڏوھ ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو وڃي،ھالا پوليس موجب نوجوان ناري سخاوت پنجابي کوکر پنجاب جي رھواسڻ آھي،جنھن کي گرفتار ڪري نامعلوم ھنڌ منتقل ڪري جانچ شروع ڪري ڇڏي آھي.