| هالا ۾ پوليس چڙهائي، 4 ڀائر گرفتار: صدمي ۾ پنجون ڀاءُ فوت، لاش رکي ڌرڻو |
ھالا (رپورٽ: اڪرم کوکر) هالا ۾ پوليس چڙهائي ڪري چار ڀائر گرفتار ڪري وئي، صدمي ۾ پجون ڀاءُ فوت ٿي ويو، جنهن جي وارثن لاش رکي ڌرڻو هڻي قومي شاهراه بلاڪ ڪري ڇڏي. ھالا پوليس ڳوٺ خداآباد ۾ مبينا گھرن تي چڙھائي ڪري نور محمد، ملوڪ،عيدن ۽ عبدالرزاق چانڊيو کي ھالا پوليس گرفتار ڪري لاڪب ڪري ڇڏيو ھو،جنھن جي صدمي ۾ سندن ڀاء 50 ورھين جو جان محمد چانڊيو فوت ٿي ويو،سندس وارثن ھالا قومي شاھراھ ڀنڀرا ڦاٽڪ وٽ فوتي جو لاش رکي ڌرڻو ھڻي سخت نعريبازي ڪئي،مظاھرين معشوق چانڊيو،بادل چانڊيو،حاجي شير چانڊيو ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته بااثر مولابخش چانڊيو، اسلم چانڊيو، عبدالغفار چانڊيو ۽ ٻين جي چرچ تي ھالا پوليس اسان جي چئن ڄڻن کي بيگناھ گرفتار ڪري لاڪب ڪري ڇڏيو آھي، جنھن جي صدمي ۾ اسان جو 50 ورھين جو نوجوان فوت ٿي ويو آھي،مٿي ڏياريل بااثر اسان جي زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن،مظاھرين مطالبو ڪندي چيو ته مٿي ڏياريل بااثر جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري اسان جي بيگناھ گرفتار ڪيلن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو، ھالا پوليس موجب چئني جوابدارن مٿان ھاء ڪورٽ جي حڪم تحت ايف آء آر داخل ٿيل آھي پر اسان ڪوبه جوابدار گرفتار ناھي ڪيو ۽ سندس 50 ورھين جو جان محمد چانڊيو ڪينسر وگھي فوت ٿيو آھي وڌيڪ جانچ ڪئي پئي وڃي،بعد ۾ چارئي جوابدار ڌرڻي واري ھنڌ پھچي ويا جنھن تي مظاھرين روڊ کولي ڇڏيو.