| هالا ۾ ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي، 1100 ٻوريون ضبط |
ھالا (ن پ ا) ھالا جي فيض ون ڪالوني ۾ رات دير سان خوراڪ کاتي مٽياري پاران مبينا ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي،11 سو کان وڌيڪ ڪڻڪ جون ٻوريون ھٿ ڪري سموري ڪڻڪ ضبط ڪئي وئي آھي،ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر مٽياري درمحمد ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ھالا ڊاڪٽر مظاھر علي ٻرڙو جي اڳواڻي ۾ روشن علي فيض ون ڪالوني ۾ ڪارروائي ڪري وٽرنري ڊاڪٽر ڪريم جي گدام ۾ پيل 11 سو کان وڌيڪ ڪڻڪ جون ٻوريون ھٿ ڪري ٽرڪ گاڏين جي وسيلي کڻايون ويون،