هالي ووڊ اداڪاره اين پاڪستاني ٿيلهو مشهور ڪري ڇڏيو

هالي ووڊ اداڪاره اين پاڪستاني ٿيلهو مشهور ڪري ڇڏيو

ميڪسيڪو سٽي (ڪلچرل ڊيسڪ) هالي ووڊ اداڪاره اين هيٿوي پنهنجي نئين فلم “دي ڊيول ويئرز پراڊا 2” جي پروموشنل مهم دوران پاڪستاني فيشن کي عالمي سطح تي سامهون آندو. ميڪسيڪو سٽي ۾ ٿيل تقريب دوران هن هڪ پاڪستاني برانڊ پاران ٺاهيل هڪ ڪارو ٿيلهو استعمال ڪيو، جنهن سوشل ميڊيا تي خاص ڌيان حاصل ڪيو. اداڪاره اين ڪاري لباس ۾ ملبوس هئي، جنهن تي سون جو ڪم هو.  سندس شاندار لباس سان گڏ پاڪستاني برانڊ جو ٿيلهو سندس انداز کي وڌيڪ نمايان ڪري رهيو هو. انٽرنيٽ تي ڳولا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته انهي پاڪستاني برانڊ جو نالو وارپ آهي. اين هيٿوي جون تصويرون ۽ وڊيوز انسٽاگرام تي برانڊ جي پروفائل تي پڻ شيئر ڪيون ويون آهن. جيڪڏهن توهان وارپ ويب سائيٽ تي هالي ووڊ اداڪاره جي ٿيلهي کي ڳوليندا ته اهو ٽوبلا بليڪ نالي موجود آهي. اداڪاره جي فلم 2006 ۾ رليز ٿيل مشهور فلم جو سيڪوئل آهي، جنهن جو مداح ڊگهي عرصي کان انتظار ڪري رهيا هئا. ساڳيا مکيه ڪردار هڪ ڀيرو ٻيهر نئين فلم ۾ نظر ايندا، اها فلم  پهرين  مئي تي سينيما گهرن ۾ پيش ڪئي ويندي.