| هالي ووڊ: اداڪاره ليسلي پيرش لاڏاڻو ڪري وئي |
ڪراچي (ڪلچرل ڊيسڪ) هالي ووڊ جي ڀلوڙ اداڪاره ليسلي پيرش 90 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي، ليسلي پيرش 1950ع جي ڏهاڪي ۾ پنهنجي فلمي ڪيريئر جي شروعات ڪئي، هن ڪيترين ئي مشهور فلمن سميت ٽي وي شوز ۾ اهم ڪردار ادا ڪيا. ليسلي 1959ع جي ميوزيڪل فلم ’لِل‘ ۾ ڊيزي مَئي جو ڪردار ادا ڪري خاص شهرت حاصل ڪئي. بعد ۾ 1962ع جي فلم ’دي منچورين ڪينڊيڊيٽ‘ ۾ سندس ڪردار پڻ بيحد مقبول ٿيو، جنهن کي هوءَ پاڻ پسنديده ڪردار قرار ڏيندي هئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ليسلي پيرش گذريل سال آمريڪي رياست واشنگٽن ۾ لاڏڻو ڪري وئي هئي، سندس وفات جي خبر هاڻي سامهون آئي آهي. ليسلي پيرش جنگ مخالف تحريڪ ۽ ماحولياتي تحفظ لاءِ پڻ سرگرم رهي. هن امن لاءِ مختلف مهمن ۾ حصو ورتوم هو ٻيلن ۽ جهنگلي جيوت جي تحفظ جي منصوبن سان پڻ لاڳاپيل رهي.