| هالي ووڊ اسٽار ميل گبسن ۽ ٽئين زال روزا ۾طلاق |
لاس اينجلس (ڪلچرل رپورٽ) هالي ووڊ جي سينيئر اداڪار ميل گبسن ۽ سندس ٽئين زال روزا لينڊ راس ۾ طلاق ٿي وئي، پرڏيهي ميڊيا موجب 69 سالن جي ميل گبسن ۽ 35 سالن جي روزا لينڊ رائيس پنهنجي عليحدگي جي تصديق ڪندي چيو ته اهي خاموشي سان هڪ سال اڳ الڳ ٿي ويا هئا. اهي پنهنجي 8 سالن جي پٽ لارس جيرارڊ کي گڏجي نپائيندا. پيپل ميگزين سان شيئر ڪيل هڪ بيان ۾ هنن چيو ته “جيتوڻيڪ اسان جي زندگي ۾ هن باب جو خاتمو افسوسناڪ آهي پر فطرت اسان کي هڪ خوبصورت پٽ سان نوازيو آهي، اسان پنهنجي پٽ لاءِ بهترين والدين رهنداسين.” ياد رهي ته اداڪار گبسن اڳ ۾ روبن ڊينس مور سان شادي ڪئي هئي، 26 سالن تائين هلندڙ اها شادي 2006 ۾ ختم ٿي وئي. 9 ٻارن جي پيءَ گبسن کي روبن مان به 7 ٻار هئا،