| هالي ووڊ جو ليجنڊ چڪ نورس لاڏڻو ڪري ويو |
لاس اينجلس(ڪلچرل ڊيسڪ) هالي ووڊ جو مشهور اداڪار چڪ نورس 86 سالن جي عمر ۾ لاڏڻو ڪري ويو. چڪ نورس 1970 ۽ 1980 وارن ڏهاڪن ۾ ايڪشن فلمن ذريعي شهرت حاصل ڪئي. چڪ بروس لي جي فلم “وي آف دي ڊريگن” ذريعي شهرت جي بلندين تي پهتو، 1980 جي ڏهاڪي ۾ سندس ويٽنام جنگ تي ٺهيل فلم “مسنگ ان ايڪشن” تمام گهڻي مشهور ٿي، چڪ جي فلم “ڊيلٽا فورس” ۽ ٽي وي سيريز “واڪر ٽيڪساس رينجر” پڻ مقبول ٿيا، چڪ مارشل آرٽ جي ميدان ۾ پنهنجي الڳ سڃاڻپ ٺاهي ۽ فلمي دنيا ۾ پنهنجي منفرد اداڪاري سان سامعين جا دل کٽي ورتا.