هالي ووڊ جي سندري سڊني فوٽ بالر کي دل ڏئي ويٺي

هالي ووڊ جي سندري سڊني فوٽ بالر کي دل ڏئي ويٺي

نيويارڪ(ڪلچرل ڊيسڪ) هالي ووڊ جي سندري سڊني سويني جي آمريڪي فوٽ بالر سان لاڳاپن جا افواهه گرم آهن، سڊني سويني جا اڳ ۾ ئي مشهور ميوزڪ پروڊيوسر اسڪوٽر برائون سان لاڳاپا هلندڙ هئا، تازو سڊني جا آمريڪي فوٽ بالر ڪرسچن پليسڪ سان لاڳاپن جا افواهه سوشل ميڊيا جي زينت بڻيا. سڊني سويني جو ڪرسچن سان لاڳاپن بابت اڃا تائين ڪو به رد عمل نه آيو آهي، جڏهن ته پليسڪ سدني سان لاڳاپن جي ترديد ڪئي آهي. ڪرسچن پوليسڪ لکيو، “مهرباني ڪري منهنجي ذاتي زندگي بابت اڳڪٿيون بند ڪريو، اهو عمل ماڻهن جي زندگين کي متاثر ڪري سگهي ٿو.”