هالي ووڊ: ريان رينالڊس پاران “ڊيڊ پول_4”  جي تصديق

هالي ووڊ: ريان رينالڊس پاران “ڊيڊ پول_4”  جي تصديق

لاس اينجلس(ڪلچرل ڊيسڪ) هالي ووڊ اسٽار ريان رينالڊس چيو آهي ڊيڊ پول سيريز جي چوٿين فلم تي ڪم هلندڙ آهي. فينيٽڪس فيسٽ 2026′ دوران مداحن سان ڳالهائيندي هن چيو ته ايندڙ فلم ڏسندڙن جي اميدن تي پوري لهندي. ريان رينالڊس جو اهو بيان ’ايونجرز: ڊومز ڊي‘ جو ٽريلر رليز ٿيڻ کانپوءِ سامھون آيو، جنهن مارول جي مداحن ۾ پهرين ئي جوش پيدا ڪري ڇڏيو آهي. ريان رينالڊس چيو ته ڊيڊ پول جي مزاحيه ڪتابن (ڪامڪس) ۾ موجود بي شمار ڪهاڻيون اڃا تائين وڏي اسڪرين تي پيش ناهن ڪيون ويون، ان ڪري مستقبل ۾ فلمن لاءِ ٻيو به ڪيترو ئي دلچسپ مواد موجود آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ‘ايڪس’ (X) تي شيئر ڪيل هڪ وڊيو ۾ ريان رينالڊس چيو ته ”اڳتي گهڻو ڪجهه اچڻ وارو آهي، آخرڪار هڪ ٻي ڊيڊ پول فلم به ٺهي رهي آهي،  يقين ڪريو، اها شاندار هوندي.“ ريان رينالڊس 2016ع ۾ رليز ٿيل ڊيڊ پول فلم ۾ سامھون آيو هو.