هالي ووڊ : ٽام هالينڊ ۽ زينڊايا جي شادي: تصويرون وائرل   

هالي ووڊ : ٽام هالينڊ ۽ زينڊايا جي شادي: تصويرون وائرل   

لاس اينجلس (ڪلچرل ڊيسڪ)  هالي ووڊ جي مقبول جوڙي ٽام هالينڊ ۽ زينڊايا پنهنجي شادي جي تصديق کانپوءِ پهريون ڀيرو مداحن سان رومانوي تصويرون شيئر ڪري سوشل ميڊيا تي هلچل مچائي ڇڏي آهي. هن اسٽار جوڙي روم ۾ پنهنجي نئين فلم “اسپائيڊر مين: برانڊ نيو ڊي” جي پروموشنل تقريب دوران ورتل تصويرون انسٽاگرام اڪائونٽس تي پوسٽ ڪيون. زينڊايا پنجن تصويرن تي ٻڌل هڪ البم شيئر ڪيو، جنهن ۾ هوءَ 1997ع جي ونٽيج جياني ورساچي لباس ۾ نظر آئي، آخري تصوير ۾ ٽام هالينڊ پنهنجي زال جي نرڙ تي مٺي ڏيندي نظر آيو، جڏهن ته زينڊايا مرڪندي ڪيميرا ڏانهن ڏسي رهي هئي. اداڪاره تصويرن سان گڏ مختصر پيغام ۾ لکيو ته “روم مان سڀني کي سلام چوڻ چاهيان ٿي”.