| هانيا عامر اداڪار فهد مصطفيٰ کي ڀاڪر ۾ڀري ورتو |
لاهور(ڪلچرل ڊيسڪ) پاڪستان جي خوبصورت اداڪاره هانيا عامر جي لڪس اسٽائل ايوارڊز ۾اداڪارفهد مصطفيٰ ۽ توثيق حيدر کي ڀاڪر پائڻ واري وڊيو وائرل ٿي وئي، هانيا عامر نه رڳو ملڪ ۾ پر بين الاقوامي سطح تي پنهنجي اداڪاري ۽ شخصيت ڪري مشهور آهي. هو دلجيت سانجهه سان گڏ هڪ هندستاني پنجابي فلم ۾ پڻ نظر آئي هئي، هانيا عامر لڪس اسٽائل ايوارڊز ۾ پنهنجي سپر هٽ ڊرامي ‘ڪڀي مين، ڪڀي تم’ ڪري ڌيان جو مرڪز بڻجي وئي. هانيا کي لڪس اسٽائل ايوارڊ ٽرافي پڻ ملي.