هانيا ۽ عاصم جي شادي؟ يشما خاموشي ٽوڙي ڇڏي 

هانيا ۽ عاصم جي شادي؟ يشما خاموشي ٽوڙي ڇڏي 

لاهور (ڪلچرل ڊيسڪ) اداڪاره يشما گل پنهنجن ويجهن دوستن هانيا عامر ۽ عاصم اظهر جي شادي بابت چپ چوريا آهن. تازو يشما هڪ خانگي ٽي وي جي رمضان شو ۾ شرڪت ڪئي، جنهن دوران هڪ مداح کانئس فون تي هانيا عامر ۽ عاصم اظهر جي شادي بابت پڇيو، مداح چيو ته توهان هانيا  جي بهترين ساهيڙي آهيو، ڇا توهان اسان کي سندس شادي بابت ٻڌائي سگهو ٿا؟ جنهن تي اداڪاره چيو ته ڪنهن جي شادي هڪ ذاتي معاملو آهي، شادي بابت اهي ئي ٻڌائي سگهن ٿا، جيڪي شادي ڪري رهيا آهن. يشما گل وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن توهان مون کان پڇي رهيا آهيو ته مون کي هانيا ۽ عاصم جي شادي بابت ڪا ڄاڻ ناهي، يشما چيو ته منهنجي دعا آهي ته سڀني جي شادي سٺي جڳهه ۽ وقت تي ٿئي.